وفاقي ڪابينہ جي اجلاس ۾ ڳالھائيندي ھن چيو تہ معرڪہ حق جي عظيم ڪاميابي کي مليل جذبي ۽ جوش ۽ خروش سان ملھايو ويو، ان ڏس ۾ سڄي ملڪ ۾ تقريبون ڪوٺايون ويون.
شھباز شريف چيو تہ معرڪہ حق ۾ پوري قوم ھڪ ھئي، پاڪستاني فوج دشمن کي اھو سبق سيکاريو جو سڄي زندگي ياد رکندو.
ھن چيو تہ اسلام آباد ۾ بہ معرڪہ حق جي شاندار تقريب ٿي ۽ ھاڻ 28 مئي جي آمد آھي، ان ڏينھن پاڪستان ايٽمي قوت بڻيو ھو.
وزيراعظم جو چوڻ آھي تہ قومي بيانيو آھي تہ ايٽمي اثاثا جارحيت بدران ملڪ جي بچاءَ جي لاءِ آھن، پاڪستان کي ايٽمي قوت بنائڻ ۾ حڪومتن، سياستدانن ۽ انجنيئرز جو اھم ڪردار رھيو آھي.
ھن چيو تہ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو ايٽمي پروگرام جو بنياد رکيو ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ايٽمي پروگرام کي تڪميل تائين پھچايو.
شھباز شريف چيو تہ پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻائيندڙ تمام ھيروز کي دل سان خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.
ھن جو چوڻ ھو تہ ايٽمي طاقت کانپوءِ پاڪستان کي ھاڻ معاشي طاقت بڻجڻو آھي ۽ اسان ھر صورت چئلينجز کي پار ڪرڻو آھي، معاشي بھتري جي لاءِ ٻہ سال ٽيم طور ڪاوشون ڪيون.
وزيراعظم شھباز شريف چيو تہ گذريل ڏيڍ مھيني ۾ خطي ۾ جنگ جا بادل ڇانيل رھيا، عارضي جنگبندي جي باوجود ٻين ملڪن وانگر اسان جي معيشت بہ متاثر ٿي.
ھن چيو تہ دھشتگردي جي خاتمي جي لاءِ ڏينھن رات ڪوششون وٺي رھيا آھيون، فروسز جا جوان ۽ عام شھري دھشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ قربانيون ڏئي رھيا آھن، قوم جي بھادر پٽ لياقت شھيد کي ستارھ شجاعت ڏياريو.
وزيراعظم شھباز شريف اھو بہ چيو تہ حڪومت موجودھ حالتن جو مقابلو ڪري رھي آھي، شھيدن جي رت سان ڌرتي جي آبياري ٿي رھي آھي.
اجلاس ۾ شھيدن جي درجات جي بلندي لاءِ دعا بہ ڪئي وئي.