ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ اڄ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندي

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: ايندڙ مالي سال جو وفاقي بجيٽ اڄ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو، جڏهن ته ناڻي وارو وزير محمد اونگزيب ساڍا 17 هزار ارب رپين جي وفاقي بجيٽ پيش ڪندو.

بجيٽ ۾ ٽيڪس روينيو جو هدف 15 هزار 267 ارب رپيا رکيو ويندو، جڏهن ته قرضن تي وياج جي ادائيگي لاءِ 7 هزار 824 ارب رپين جي وڏي رقم مختص ڪئي ويندي. دفاعي بجيٽ لاءِ 3 هزار ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي.

ان کان علاوه سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ جو به امڪان آهي، جڏهن ته پيٽروليم ليوي جي مد ۾ هڪ هزار 727 ارب رپيا وصول ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي.

بجيٽ ۾ برآمدات جو هدف 32.8 ارب ڊالر ۽ درآمدات جو هدف 70 ارب ڊالر مقرر ڪيو ويندو. ڪو به نئون ترقياتي منصوبو شروع نه ڪيو ويندو، جڏهن ته اڳ ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري رکيو ويندو.

ان کان سواءِ اڳوڻي فاٽا (قبائلي علائقن) لاءِ ڏنل ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جو به امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

بجيٽ پيش ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس منجهند 3 وڳي شروع ٿيندو، جڏهن ته ان کان اڳ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ منجهند اڍائي وڳي طلب ڪيو ويو آهي.

پارليامينٽ هائوس ۾ وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ نئين وفاقي بجيٽ جي منظوري ڏني ويندي، جڏهن ته وفاقي ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب ڪابينا کي بجيٽ بابت بريفنگ ڏيندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں