اسلام آباد: پاور ڊويزن جي ترجمان چيو آھي تھ ايل اين جيءَ جي دستيابي سان پيڪ ٽائيم لوڊ مئنجمينٽ بھ ختم ٿي ويندي.
ترجمان موجب گذريل رات صوبن جي ڊمانڊ تي پيڪ ٽائيم ۾ ڊيمن مان پاڻي ڇڏڻ سان 4950 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي.
ترجمان جو چوڻ آھي تھ پن بجلي جي ٽوٽل قابليت 1500 ميگاواٽ آھي ۽ پن بجلي اڃا بھ پنھنجي قابليت کان لڳ ڀڳ 6000 ميگاواٽ گھٽ پيدا ٿي رھي آھي، پن بجلي سان گھٽ بجلي پيداوار جي بنياد سبب صوبن مان پاڻي جي گھٽ طلب آھي.
ترجمان جو چوڻ ھو تھ ملڪ جي ڏکڻ کان سينٽر ۾ 400 ميگاواٽ گرڊ ۾ استحڪام سبب ترسيل جاري رھي، بجلي تقسيم ڪندڙ ڪمپنين ڪالھھ رات پيڪ ٽائيم ۾ ڊمانڊ ۾ اضافي سبب ٻن ڪلاڪن کان اڍائي ڪلان تائين جي لوڊ مئنجمينٽ ڪئي، ملڪ جي وڌيڪ نقصانن وارن فيڊرز تي پاليسي موجب اڪنامڪ لوڊ مئنجمينٽ جاري رھندي، اڪنامڪ لوڊ مئنجمينٽ جو پيڪ ٽائيم لوڊ مئنجمينٽ سان ڪو بھ تعلق ناھي.
ترجمان جو چوڻ آھي تھ ايل اين جيءَ جي دستيابي سان پيڪ ٽائيم لوڊ مئنجمينٽ بھ ختم ٿي ويندي، ايل اين جيءَ جي اڻھوند سبب 5500 ميگاواٽ جي پاور پلانٽس مان بجلي پيدا نھ ٿي رھي آھي، رات ۾ بجلي جي استعمال ۾ بچت جي اصولن کي اپنائڻ جي ضرورت آھي تھ جيئن وڌندڙ ڊمانڊ کي بھتر طريقي سان مينيج ڪيو وڃي، عالمي حالتن ۽ پاڻي جي طلب سبب رات ۾ شارٽ فال کي منھن ڏيڻو پوندو آھي.