ايرن ھالينڊ شادي جي پنج سالن کانپوءِ خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

فہرستِ مضامین

آسٽريلوي اسپورٽس پريزنٽر ايرن ھالينڊ ۽ آسٽريلوي ڪرڪيٽر بين ڪٽنگ شادي جي 5 سالن بعد خوشخبري ٻڌائي ڇڏي.

ايرن ھالينڊ تازو ئي ھڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ مھمان طور شرڪت ڪئي جتي ھن اھا خوشخبري ٻڌائي تھ سندس گھر جلد ئي پھرين ٻار جي پيدائش متوقع آھي.

اسپورٽس پريزنٽر انڪشاف ڪيو تھ اسان اھا خوشخبري حاصل ڪرڻ لاءِ 1 لک 50 ھزار ڊالرز خرچ ڪيا آھن.

ھن ٻڌايو تھ گذريل چئن سالن دوران مان اولاد جي خواھش ۾ وٽرو فرٽيلائزيشن (آءِ وي ايف) جا 20 رائونڊز ۽ علاج جي ٻين ڪيترن ئي مختلف طريقن مان گذري آھيان، چار ڀيرا منھنجو حمل ضائع بھ ٿيو ۽ ھزارين انجيڪشن لڳا تڏھن بھ خوشي جي خبر ملي.

ايرن ھالينڊ ٻڌايو تھ سچ پڇو تھ مون کي اڃا تائين يقيني نھ پيو اچي، ڇو تھ اڃا ماءُ بڻجڻ جي منتظر آھيان، ماءُ بڻي ناھيان، مون کي لڳي ٿو تھ ماءُ بڻجڻ جي حوالي سان ڪڏھن بھ ڪو واعدو نٿو ڪري سگھجي.

ھن چيو تھ جڏھن پھريون ڀيرو حمل شائع ٿيو تھ انسان جي دل ٽٽندي آھي ۽ پوءِ ايندڙ ڀيري ھو اھڙي خوشخبري ملڻ تي تمام محتاط ھوندو آھي ڇو تھ ان کي ڊپ ھوندو اھي تھ ٻيھر ان کان اھا خوشي کسي نھ وڃي.

اسپورٽس پريزنٽر اھو بھ ٻڌايو تھ ھاڻ 20 ھفتا گذري چڪا آھن ۽ مون کي پنھنجي ٻار جي حرڪت محسوس ٿيڻ شروع ٿي، تھ اھو ھڪ معجزو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں