واشنگٽن: آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٽياڪڙي ڪندڙن وچ ۾ جنگبندي ۾ واڌ ۽ ايران جي جوهري پروگرام بابت ڳالهين جي شروعات لاءِ 60 ڏينهن واري مفاهمتي يادداشت تي اتفاق ٿي ويو آهي۔
آمريڪي نيوز ويب سائيٽ ايگزيئوس ذريعن حوالي سان ٻڌايو آهي ته صدر ٽرمپ اڃا تائين هن معاهدي جي حتمي منظوري ناهي ڏني۔ هي مفاهمتي يادداشت جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ سڀ کان وڏي سفارتي اڳڀرائي قرار ڏني پئي وڃي، جڏهن ته ايران جي جوهري پروگرام بابت ٽرمپ جي مطالبن کي پورو ڪرڻ لاءِ آخري معاهدي تائين پهچڻ خاطر وڌيڪ سخت ۽ تفصيلي ڳالهيون ضروري هونديون۔
آمريڪي عملدارن موجب اڱاري تائين معاهدي جي گهڻين شرطن تي اتفاق ٿي چڪو هو، پر ٻنهي ڌرين کي پنهنجي اعليٰ قيادت کان منظوري وٺڻي هئي۔ بعد ۾ ايراني ڌر آگاهه ڪيو ته کين ضروري منظوري ملي وئي آهي ۽ هو صحيحن لاءِ تيار آهن، جڏهن ته ايران ان جي سرڪاري تصديق ناهي ڪئي۔
آمريڪي جي ڳالھيون ڪندڙ ٽيم معاهدي جي تفصيلن بابت صدر ٽرمپ کي آگاهه ڪيو، پر هن فوري منظوري نه ڏني۔ هڪ آمريڪي عملدار موجب، “صدر ٽرمپ ثالثن کي چيو آهي ته هن معاملي تي غور ڪرڻ لاءِ کيس ڪجهه ڏينهن گهرجن۔”
عملدارن موجب 60 ڏينهن واري مفاهمتي يادداشت ۾ اهو به شامل هوندو ته آبنائي هرمز ۾ ٻيڙين جي اچ وڃ بنا رڪاوٽ جاري رهندي۔ هڪ آمريڪي عملدار وضاحت ڪئي ته ان جو مطلب آهي ته نه ڪو ٽول ٽيڪس هوندو ۽ نه ئي ڪنهن قسم جي هراسانی، جڏهن ته ايران کي 30 ڏينهن اندر آبنائي هرمز مان سڀ بارودي سرنگون هٽائڻيون پونديون۔
ويب سائيٽ موجب آمريڪي سامونڊي ناڪابندي به ختم ڪئي ويندي، پر اهو عمل واپاري ٻيڙين جي بحاليءَ جي تناسب سان مرحليوار ٿيندو۔
عملدارن موجب مفاهمتي يادداشت ۾ ايران پاران جوهري هٿيار حاصل نه ڪرڻ جو عزم پڻ شامل هوندو۔ ان کان علاوه 60 ڏينهن جي مدي دوران جن شروعاتي معاملن تي ڳالهيون ٿينديون، تن ۾ ايران جي افزودہ يورينيم جي ذخيرن کي ختم ڪرڻ جو طريقو ۽ يورينيم افزودگي واري معاملي جو حل شامل آهي۔
آمريڪي ويب سائيٽ موجب آمريڪا اهو به واعدو ڪندو ته ڳالهين دوران پابندين ۾ نرمي ۽ ايران جا منجمد فنڊ بحال ڪرڻ بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي۔ مفاهمتي يادداشت ۾ ايران کي ضروري شين ۽ انساني امداد جي فراهمي شروع ڪرڻ لاءِ هڪ طريقيڪار تي به غور شامل هوندو۔