ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ معاھدي جا امڪان، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي اچي وئي

فہرستِ مضامین

ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ معاھدي جا امڪان روشن ٿيڻ سان عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ گھٽتائي اچي وئي.

نيوز ايجنسي مطابق ايشيائي مارڪيٽن ۾ سومر ڏينھن ابتدائي ڪاروبار دوران تيل جي قيمتن ۾ 5 سيڪڙو کان وڌيڪ جي نمايان گھٽتائي ڏٺي وئي.

برينٽ تيل جي قيمت 5.1 سيڪڙو گھٽائي بعد 98.22 ڊالر في بيرل تي اچي وئي جڏھن تہ ڊبليو ٽي آءِ تيل 5.2 سيڪڙو ھيٺ لھي 91.57 في بيرل ٿي ويو.

اھا گھٽتائي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ وچ اوڀر جي جنگ جي خاتمي لاءِ ممڪنہ معاھدي جي اميدن سبب سامھون آئي آھي، جڏھن تہ ڊونلڊ ٽرمپ معاھدي جي فوري تڪميلجي امڪانن کي گھٽ قرار ڏنو آھي.

واضح رھي تہ آچر تي سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ ٽرمپ چيو ھو تہ ھن پنھنجي نمائندن کي ھدايت ڪئي آھي تہ معاھدي ۾ جلد بازي نہ ڪئي وڃي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں