ايران ۽ آمريڪا جا سفارتي قدم: عباس عراقچي اسلام آباد پهتو، آمريڪي وفد جي اچڻ جو اعلان ڳالهين بابت مونجهارا برقرار

فہرستِ مضامین

اسلام آباد:

ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي اهم سفارتي دوري تي پاڪستان پهچي ويو آهي، جتي هو ملڪ جي اعليٰ قيادت سان ملاقاتون ڪندو. ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب، عراقچي پنهنجي دوري دوران خطي جي تازي صورتحال ۽ ايران جي سفارتي “مشاهدن” بابت پاڪستان کي بريفنگ ڏيندو.

ترجمان جو چوڻ هو ته هي دورو خاص طور تي علائقائي حالتن، سيڪيورٽي معاملن ۽ ايران سان لاڳاپيل اڳڀرائي تي مشاورت لاءِ اهم آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايران پاڪستان کي پنهنجا خدشا، تجزيا ۽ مستقبل جي حڪمت عملي بابت آگاهه ڪندو.

ٻئي پاسي، وائٽ ھائوس اعلان ڪيو آهي ته ايران سان امڪاني نين ڳالهين جي حوالي سان هڪ آمريڪي وفد پڻ اسلام آباد موڪليو پيو وڃي. هن وفد ۾ سٽيو وٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر شامل آهن، جيڪي اڄ ڇنڇر تي پاڪستان پهچڻ جو امڪان آهي.

جيتوڻيڪ آمريڪي اعلان سفارتي سرگرمين ۾ تيزي جو اشارو ڏئي ٿو، پر پاڪستاني ۽ ايراني ذريعن موجب عباس عراقچی جي دوري جو سڌو سنئون آمريڪي وفد سان ڪنهن به گڏيل ملاقات يا باضابطه ڳالهين سان لاڳاپو نظر نٿو اچي. ذريعن جو چوڻ آهي ته عراقچي جو دورو صرف پاڪستاني قيادت سان ٻطرفي ملاقاتن تائين محدود رهندو.

تجزئي نگارن جو خيال آهي ته هڪ ئي وقت ايران ۽ آمريڪا جي سفارتي حرڪتن جو اسلام آباد تي مرڪوز ٿيڻ خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ نون سفارتي امڪانن جي عڪاسي ڪري ٿو. بهرحال، ايران-آمريڪا سڌي ڳالهين بابت اڃا تائين واضح حڪمت عملي يا شيڊيول سامهون ناهي آيو، جنهن سبب صورتحال ۾ ابهام برقرار آهي.

ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپا ڊگهي عرصي کان ڇڪتاڻ جو شڪار رهيا آهن، خاص طور تي ايٽمي پروگرام ۽ علائقائي اثر رسوخ جي معاملن تي. اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان جو ڪردار هڪ امڪاني سفارتي پل طور ڏٺو پيو وڃي، پر موجوده حالتن ۾ ڪنهن به باضابطه ڳالهين جي تصديق ناهي ٿي سگهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں