اسلام آباد: ايران سان جامع جنگبندي ڳالھين لاءِ آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس اعليٰ سطحي وفد سان پاڪستان جي گادي واري شھر اسلام آباد پھچي ويو آھي.
جي ڊي وينس سان گڏ آمريڪي صدر جو صلاحڪار اسٽيووٽڪوف ۽ ناٺي جيرڊ ڪشنر بہ اسلام آباد پھتو اھي، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، گھرو وزير محسن نقوي ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير آمريڪي وفد جي آجيان ڪئي.
آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس جو جھاز چترال ويجھو پاڪستاني ھوائي حدن ۾ داخل ٿيو
آمريڪي صدر جو جھاز وچ اوڀر واري ملڪن جي ھوائي حدن کي نظرانداز ڪندي ڊگھو رستو اختيار ڪيو ۽ ميري لينڊ کان روانگي بعد جھاز پيرس ۾ اڍائي ڪلاڪ اسٽاپ ڪيو.
آمريڪي نائب صدرجو جھاز ڊگھي افغان ھوائي حدون استعمال نہ ڪيون،سندس خاص جھاز جارجيا، آذربائيجان، ترڪمانستان ۽ تاجڪستان جي رستي ذريعي پاڪستان پھتو.
جي ڊي وينس جو جھاز 10 وڳي چترال ويجھو پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيو، پاڪستان جي ھوائي حدن ۾ ايئر فورس پاران شاندارآجيان ڪئي وئي ۽ خاص جھاز10.33 تي نور خان ايئربيس تي لينڊ ٿيو ….