نائب ترجمان وائٽ ھائوس انا ڪيلي (Anna Kelly) چيو تہ صدر ٽرمپ چئي چڪو آھي تہ ايران ايٽمي ھٿيار نٿو رکي سگھي. آمريڪي صدر وٽ ايران کي منھن ڏيڻ لاءِ تمام آپشنز موجود آھن.
ھن چيو تہ ايران عسڪري طور تي ڪمزور معاشي طور تي دٻاءُ ۾ ۽ پھريان کان وڌيڪ اڪيلو ٿي چڪو آھي.
انا ڪيلي جو چوڻ ھو تہ ايران نيڪ نيتي سان ڳالھيون نہ ڪيون تہ ٽرمپ قومي سلامتي جي لاءِ ضروري فيصلو ڪندو.
ھن چيو تہ آمريڪي صدر پنھنجي ريڊ لائنز تمام واضح ڪري ڇڏيون آھن. ريڊ لائنز ۾ شامل آھي تہ ايران ايٽمي ھٿيار حاصل نٿو ڪري سگھي.
نائب ترجمان وائٽ ھائوس وڌيڪ چيو تہ جيڪڏھن ايران انھن ريڊ لائنز کي تسليم نہ ڪيو تہ آمريڪا سخت قدم کڻي سگھي ٿو.