ايران ڊيل بابت ٽرمپ جي بيان کان پوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگھن ۾ 4 سيڪڙو گھٽتائي

فہرستِ مضامین

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ايران تي حملي کي منسوخ ڪرڻ ۽ ايران ڊيل هن هفتي ٿيڻ بابت بيان جا عالمي اثر ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن۔

پرڏيهي خبر ايجنسي موجب آمريڪي صدر جي بيان کان پوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جون قيمتون 4 سيڪڙو گهٽجي ويون آهن۔

عالمي مارڪيٽ ۾ برينٽ، ڊبليو ٽي آءِ ۽ يو اي اِي مربن جو تيل لڳ ڀڳ 87 کان 89 ڊالر في بيرل ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي.

ٻئي طرف ايشيائي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ ڪاروبار جي شروعات تي تيزي ڏٺي وئي آهي. جاپان جو نڪي 225 انڊيڪس 3.5 سيڪڙو وڌي ويو آهي۔

ساڳئي وقت ڏکڻ ڪوريا جي ڪوسپي انڊيڪس ۾ به 7.5 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں