آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جنرل دعويٰ ڪئي آھي تہ ايران جنگ جي خاتمي جي تجويزن تي آمريڪا کي موڪليل جواب ۾ يورينيم افزودگي عارضي طور تي روڪڻ تي راضپو ظاھر ڪيو آھي.
آمريڪي اخبار مطابق ايران آمريڪا جو 20 سالن تائين روينيم افزودھ نہ ڪرڻ جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو آھي.
آمريڪي اخبار جو چوڻ آھي تہ ايران جنگبندي ۽ آبناءِ ھرمز مرحليوار کولڻ جي تجويز ڏني آھي جڏھن تہ ان سان گڏ ئي ايران آمريڪي پابندين ۽ بحري ناڪہ بندي ختم ڪرڻ جو بہ مطالبو ڪيو آھي.
آمريڪي اخبار مطابق ايران جوھري معاملن تي ايندڙ 30 ڏينھن ۾ ڳالھين جي تجويز ڏني آھي جڏھن تہ ايران جوھري تنصيبات ختم ڪرڻ جو آمريڪي مطالبو رد ڪري ڇڏيو.
ٻئي طرف ايراني سرڪاري نيوز ايجنسي مطابق ايراني سرڪاري ذريعن وال اسٽريٽ جي رپورٽ کي گمراھ ڪندڙ قرار ڏنو.
ايراني سرڪاري ذريعن جو چوڻ آھي تہ جوھري مواد بابت آمريڪي اخبار جي رپورٽ جا اھم نقطا غلط آھن.
ايراني ذريعن موجب جواب جو اصل متن ھو تہ محاذن تي فوري جنگبندي ڪئي وڃي، ايران تي ٻيھر حملو نہ ڪرڻ جي ضمانت گھري وئي آھي. آمريڪا کان تيل برآمدات سميت تمام پابنديون ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي.
ايراني ذريعن جو چوڻ آھي تہ معاھدي تي صحيح ٿيندي ئي بحري ناڪابندي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ايران جواب ۾ تمام منجمد اثاثا بحال ڪرڻ جو مطالبو بہ ڪيو.