آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ھڪ ڀيرو ٻيھر ڌمڪي ڏيندي چيو آھي تہ جيڪڏھن ايران معاھدو نہ ڪيو تہ ان کي مڪمل تباھ ڪيو ويندو.
پنھنجي انٽرويو۾ ٽرمپ جو چوڻ ھو اميد آھي ايران ھي انٽرويو ڏسي رھيو ھوندو، آمريڪا ڄاڻي ٿو تہ ايران زمين مان ڪجھ ميزائل ڪڍيا آھن، پر اھي سڀ ھڪ ئي ڏينھن ۾ تباھ ڪيا ويندا.
ايران جي سرزمين مان افزودھ يورينيم واپس وٺڻ بابت سوال تي آمريڪي صدر جو چوڻ ھو تہ سندس خيال ۾ اھو ضروري ناھي، سواءِ عوامي تعلقات جي نقطہ نظر سان.
واضح رھي تہ ان کان اڳ آمريڪا جي اڳوڻي صدر بارڪ اوبامہ صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي کليل نموني تنقيد ڪندي چيو آھي تہ ھن پنھنجي دور ۾ ايران جو معاملو ھڪ ميزائل بہ فائر ڪرڻ کانسواءِ ڪاميابي سان انجام ڏنو ھو.