تل ابيب: اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياھو چيو آھي تھ ايران سان مقابلو اڃا ختم ناھي ٿيو، ڪنھن بھ وقت نئين اڳڀرائي ٿي سگھي ٿي.
نيتن ياھو مقبوضھ بيت المقدس ۾ ارجنٽائن جي صدر حاويير ملي سان ملاقات دوران صحافين سان ڳالھائيندي چيو تھ اسان ايران سان جنگ جي حالت ۾ آھيون، معاملو اڃا ختم ناھي ٿيو ۽ ڪنھن بھ وقت ڪا اڳڀرائي ٿي سگھي ٿي.
اھي اسرائيلي بيان ھڪ اھڙي وقت ۾ آيا آھن جڏھن آمريڪي صدر ٽرمپ ٻڌايو تھ آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس ڳالھين جي ايندڙ دور ۾ پاڪستان ۾ پنھنجي ملڪ جي وفد جي قيادت ڪندو تھ جيئن ايران سان جنگ ختم ڪرڻ بابت ڳالھھ ٻولھھ ڪري سگھي.
ٽرمپ اعلان ڪيو تھ ھو اربع تي جنگبندي جو مدو ختم ٿيڻ کان پھريان ايران سان ملاقات لاءِ اسلام آباد ڳالھيون ڪندڙ ٽيم موڪلي رھيو آھي جڏھن تھ آمريڪي صدر تھران تي آبنائي ھرمز ۾ موجودھ جنگبندي جي معاھدي جي خلاف روزي جو الزام لڳايو.
ٽرمپ ڌمڪي بھ ڏني تھ جيڪڏھن جنگ جي حتمي خاتمي جو معاھدو نھ ٿيو تھ آمريڪا ايران جو ھر پاور اسٽيشن ۽ ھر پل تباھھ ڪري ڇڏيندو.
ٻئي طرف اقوام متحدھ جي واشنگٽن جي نمائندي مائيڪ والٽز جو چوڻ آھي تھ سندس خيال آھي ڳالھين جو نئون دور انتھائي اھم نتيجي تي ختم ٿيندو، اھا اڳڀرائي ھڪ اھڙي وقت ۾ ٿي رھي آھي جڏھن پاڪستان ڌرين کي ڪنھن سمجھوتي يا معاھدي تي راضي ڪرڻ جي ڪوشش جاري رکي رھيو آھي تھ جيئن ان جنگ جو خاتمو ٿي سگھي.
اھا جنگ 28 فيبروري تي شروع ٿي ھئي ۽ پوءِ 8 اپريل جي صبح کان ٻن ھفتن لاءِ عارضي طور تي بند ڪئي وئي آھي، ڪجھھ ڏينھن اڳ آرمي چيڪ سيد عاصم منير جي سربراھي ۾ ھڪ اعليٰ سطح جي پاڪستاني وفد تھران جو دورو ڪيو ھو.
ٻڌايو ويو تھ ٽرمپ عاصم منير سان آبنائي ھرمز جي صورتحال ۽ ايراني ڌر سان معاھدي جي تفصيلن تي ھفتي جي شام ھڪ فون ڪال ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ان رابطي ۾ نائب صدر جي ڊي وينس، پرڏيھي معاملن وارو وزير مارڪو روبيو ۽ بچاءَ وارو وزير پيٽ ھيگسٿ بھ موجود ھئا.