دبئي ايران لاءِ واپار، درآمدات ۽ مالي ڏيتي ليتي جو اهم مرڪز رهيو آهي، 2024ع ۾ ايراني درآمدن جو 30.6 سيڪڙو يو اي اي مان ٿيو، ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري لاڳاپا هڪ صدي کان وڌيڪ پراڻا آهن
متحده عرب امارات پاران ايران سان سموريون واپاري سرگرميون، واپاري ڏي وٺ ۽ مالي لين دين ايندڙ حڪم تائين معطل ڪرڻ جو فيصلو تهران لاءِ اهم معاشي چئلينج بڻجي سگهي ٿو. ايران ۽ متحده عرب امارات وچ ۾ واپاري لاڳاپا ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مختلف سياسي، سفارتي ۽ علائقائي بحرانن باوجود برقرار رهيا آهن، جڏهن ته دبئي ايران لاءِ عالمي منڊين تائين پهچ، درآمدات، ري ايڪسپورٽ ۽ مالي معاملن جو اهم مرڪز رهيو آهي.
اماراتي اختيارين جو چوڻ آهي ته ايران طرفان ٻه بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا ويا، جيڪي سمنڊ ۾ ڪريا، جڏهن ته تهران ان الزام کي رد ڪندي ان کي ”بي بنياد“ قرار ڏنو آهي. موجوده ڇڪتاڻ ۾ واپاري لاڳاپن جي معطلي سان ايران کي رڳو سامان جي آمدرفت ۾ نه، پر مالي ڏيتي ليتي، درآمدي سپلاءِ ۽ عالمي واپاري نيٽ ورڪ تائين رسائي ۾ به مشڪلاتون پيش اچي سگهن ٿيون.
دبئي ايران لاءِ ايترو اهم ڇو آهي؟
دبئي ڊگهي عرصي کان ايران لاءِ ٻين ملڪن سان واپار ۽ مالي معاملن جو اهم مرڪز رهيو آهي. جبل علي بندرگاهه خطي جي وڏن واپاري ۽ ري ايڪسپورٽ مرڪزن مان هڪ آهي، جڏهن ته ايران جون بندرگاهون به دبئي سان ويجهن واپاري رابطن ذريعي مختلف سامان ۽ شين جي درآمد ۽ برآمد لاءِ استعمال ٿينديون رهيون آهن.
ٻنهي ملڪن جا واپاري لاڳاپا هڪ صدي کان به وڌيڪ پراڻا آهن. 1971ع ۾ متحده عرب امارات جي قيام کان اڳ به ايران ۽ موجوده يو اي اي جي علائقن وچ ۾ واپاري رابطا موجود هئا. متحده عرب امارات جي قيام کان پوءِ وڏي انگ ۾ ايراني واپاري دبئي منتقل ٿيا ۽ شهر جي آزاد واپاري پاليسين، بندرگاهن ۽ جغرافيائي حيثيت مان فائدو ورتائون.
1979ع ۾ ايران ۾ اسلامي انقلاب اچڻ کان پوءِ به ٻنهي ملڪن جا معاشي لاڳاپا ختم نه ٿيا. انقلاب کان پوءِ ايران مان واپارين ۽ ڪاروباري ماڻهن جي هڪ نئين لهر دبئي منتقل ٿي، جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري رابطا وڌيڪ مضبوط رهيا.
ايران ۽ عراق جنگ دوران به واپار جاري رهيو
ايران ۽ عراق وچ ۾ جنگ دوران ابوظبي عراق جي حمايت ڪئي، پر دبئي ايران لاءِ اهم واپاري ۽ رسد فراهم ڪندڙ مرڪز بڻيل رهيو. اهڙيءَ طرح سلامتيءَ جي خدشن ۽ واپاري مفادن وچ ۾ هڪ اهڙو توازن قائم رهيو، جيڪو ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين برقرار رهيو.
جيتوڻيڪ سياسي ۽ علائقائي اختلاف موجود رهيا، پر دبئي جي واپاري حيثيت سبب ايران سان معاشي لاڳاپا مڪمل طور ختم نه ڪيا ويا.
پابندين باوجود واپار مڪمل طور بند نه ٿيو
2006ع ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران ايران تي پابنديون لاڳو ٿيڻ ۽ 2010ع ۾ انهن پابندين ۾ وڌيڪ سختي کان پوءِ ايران ۽ متحده عرب امارات جي معاشي لاڳاپن کي وڏو ڌڪ رسيو.
متحده عرب امارات ايران سان لاڳاپيل ڪمپنين ۽ مالي ڏيتي ليتي تي نگراني سخت ڪري ڇڏي، ڪيترين ئي ڪمپنين کي بند ڪيو ويو ۽ پابندين جي زد ۾ آيل ادارن جا بئنڪ اڪائونٽ منجمد ڪيا ويا.
ان جي نتيجي ۾ دبئي ۽ ايران وچ ۾ واپار، جيڪو 2011ع ۾ 9.8 ارب ڊالر هو، 2012ع ۾ گهٽجي 6.8 ارب ڊالر رهجي ويو. تنهن هوندي به واپاري لاڳاپا مڪمل طور ختم نه ٿيا.
2015ع ۾ ايران جي جوهري معاهدي کان پوءِ ٻنهي ملڪن جا معاشي لاڳاپا ڪجهه بهتر ٿيا، پر 2018ع ۾ آمريڪا جي ان وقت جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران جوهري معاهدي مان نڪرڻ ۽ ايران تي پابنديون ٻيهر لاڳو ڪرڻ کان پوءِ واپاري سرگرمين تي ٻيهر دٻاءُ وڌيو.
ان باوجود دبئي عالمي منڊين تائين پهچ لاءِ ايران لاءِ اهم واپاري مرڪز بڻيل رهيو.
ايران جي درآمدن ۾ يو اي اي جو وڏو حصو
عالمي واپاري اداري WTO جي انگن اکرن موجب 2024ع ۾ متحده عرب امارات، چين کان پوءِ ايران جو ٻيو وڏو واپاري ڀائيوار هو ۽ ايران جي درآمدات جو سڀ کان وڏو ذريعو پڻ رهيو.
انگن اکرن موجب ايران جي مجموعي درآمدات جو 30.6 سيڪڙو حصو متحده عرب امارات مان آيو، جڏهن ته ايراني برآمدات لاءِ به متحده عرب امارات ٽين وڏي منڊي هئي.
اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن يو اي اي واپاري ۽ مالي لاڳاپن جي معطلي تي مڪمل طور عمل ڪري ٿو ته ايران کي متبادل واپاري رستا اختيار ڪرڻا پوندا.
جنگ ڇڪتاڻ کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو
آمريڪا ۽ اسرائيل سان ايران جي جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ خليجي ملڪن مان متحده عرب امارات ايران جي حملن جو سڀ کان وڌيڪ نشانو بڻيو.
اماراتي اختيارين موجب ايران طرفان لڳ ڀڳ 3 هزار ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا ويا، جيڪي خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هئا.
اماراتي فضائي دفاعي نظام وڏي انگ ۾ ايراني حملن کي ناڪام بڻائڻ ۾ ڪامياب رهيو، پر اختيارين موجب انهن حملن جي نتيجي ۾ 15 ڄڻا مارجي ويا ۽ سوين زخمي ٿيا.
حملن سان متحده عرب امارات جي سياحت، هوابازي ۽ واپار جي شعبن کي به نقصان پهتو، جڏهن ته وڏي انگ ۾ پرڏيهي شهري عارضي طور ملڪ ڇڏي ويا.
واپاري پابندين کان پوءِ ڪجهه لاڳاپا ٻيهر بحال ٿيا هئا
ايران سان ڇڪتاڻ دوران متحده عرب امارات واپار تي وڏيون پابنديون لاڳو ڪيون ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سڌي سامونڊي واپاري آمدرفت پڻ متاثر ٿي.
تنهن هوندي به جون ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ مفاهمتي يادداشت کان پوءِ ڪجهه واپاري ۽ سفارتي رابطا ٻيهر بحال ٿيا. دبئي کان ايران سامان کڻي ويندڙ روايتي ڪاٺ جون ٻيڙيون ٻيهر سرگرم ٿيون، ڪجهه ايراني اڏامون بحال ٿيون ۽ متحده عرب امارات جا رهائشي اجازت ناما رکندڙ هزارين ايراني واپس اچڻ لڳا.
پر اها اڳڀرائي گهڻو وقت برقرار نه رهي.
گذريل هفتن دوران متحده عرب امارات ايران تي الزام لڳايو ته هن آبنائي هرمز ۾ ابوظهبي جي قومي تيل ڪمپني ادنوڪ جي جهازن کي نشانو بڻايو. تازو ٻن ميزائلن جي فائرنگ واري واقعي کان پوءِ ڪيترن ئي مهينن ۾ پهريون ڀيرو اماراتي اختيارين شهرين لاءِ هنگامي خبرداري پڻ جاري ڪئي.
يو اي اي جو فيصلو معاشي دٻاءُ وڌائڻ جي پاليسي جو اشارو؟
ابوظبي ۾ رهندڙ بين الاقوامي لاڳاپن جي ماهر ايلي الہندي موجب ايران سان واپار ۽ مالي ڏيتي ليتي معطل ڪرڻ جو فيصلو ظاهر ڪري ٿو ته متحده عرب امارات هاڻي رڳو ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ صورتحال کي قابو ۾ رکڻ واري حڪمت عملي تائين محدود نه رهيو آهي، پر ايران تي اقتصادي دٻاءُ وڌائڻ طرف به وڌي رهيو آهي.
ماهر موجب خليجي رياستن پنهنجي معيشت ۽ عالمي ساک جي بنياد طور استحڪام، کليل واپار ۽ معاشي ڏي وٺ کي اهميت ڏني آهي. ان ڪري اهي عام طور اهڙن قدمن کان پاسو ڪن ٿيون، جيڪي انهن جي معاشي مفادن کي نقصان پهچائي سگهن.
سندس راءِ ۾ اهڙي پاليسي ان وقت اختيار ڪئي ويندي آهي، جڏهن ڪنهن خليجي ملڪ کي پنهنجي قومي سلامتي ۽ خودمختياري لاءِ خطرو محسوس ٿئي.
ڇا يو اي اي جو فيصلو آمريڪا جي دٻاءَ جو نتيجو آهي؟
ايران سان واپار معطل ڪرڻ جو اعلان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ مفاهمتي يادداشت ختم ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن پوءِ سامهون آيو. ساڳئي وقت واشنگٽن طرفان ايران تي دٻاءُ وڌائڻ جون تياريون پڻ نظر آيون.
آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو متحده عرب امارات جي قومي سلامتي واري صلاحڪار شيخ طحنون بن زاید سان خطي جي سلامتي ۽ آبنائي هرمز ۾ آزاد سامونڊي آمدرفت بابت ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي.
تنهن هوندي به، هن وقت تائين اهڙا ڪو به عوامي ثبوت سامهون ناهن آيا، جن مان ثابت ٿئي ته متحده عرب امارات جو ايران سان واپار معطل ڪرڻ وارو فيصلو واشنگٽن سان ڪنهن باقاعده رابطي يا هم آهنگي جو نتيجو هو.
ايران وٽ ڪهڙا متبادل آهن؟
ايران لاءِ متحده عرب امارات جي جاءِ مڪمل طور ڪنهن هڪ ملڪ سان ڀرڻ آسان نه هوندو، ڇاڪاڻ ته دبئي ڪيترن ئي سالن کان ايران جي عالمي واپاري نيٽ ورڪ، ري ايڪسپورٽ ۽ مالي ڏيتي ليتي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي.
تهران کي هاڻي ٻين ملڪن ۽ متبادل واپاري رستن تي وڌيڪ ڀاڙڻو پئجي سگهي ٿو. چين، ترڪي، عراق ۽ ٻين علائقائي مارڪيٽن سان واپار وڌائڻ سان ڪجهه اثر گهٽائي سگهجن ٿا، پر دبئي جي جغرافيائي ويجهڙائي، بندرگاهن، فري زونز ۽ عالمي ڪاروباري نيٽ ورڪ جو مڪمل متبادل پيدا ڪرڻ هڪ وڏو چئلينج هوندو.
نتيجو اهو آهي ته متحده عرب امارات سان واپاري ۽ مالي لاڳاپن جي مڪمل معطلي ايران لاءِ هڪ اهم معاشي ڌڪ ثابت ٿي سگهي ٿي. خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن تهران اڳ ئي عالمي پابندين، مالي رڪاوٽن ۽ علائقائي ڇڪتاڻ کي منهن ڏئي رهيو آهي. البت ايران وٽ متبادل واپاري رستا موجود آهن، تنهن ڪري يو اي اي سان واپار جي بندش جو مطلب ايران جو عالمي واپار مڪمل طور بند ٿيڻ نه هوندو، پر ان جي قيمت وڌيڪ، رستا وڌيڪ پيچيده ۽ مالي ڏيتي ليتي وڌيڪ ڏکي ضرور ٿي سگهي ٿي.