ايران خبردارڪري ڇڏيو: جيڪڏهن اسان جي بندرگاهن کي خطرو ٿيو ته سڄي علائقي جون بندرگاهون غير محفوظ ٿي وينديون

فہرستِ مضامین

تهران : ايران جي فوجي ترجمان سخت خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ايراني بندرگاهن کي ڪنهن به قسم جو خطرو پيش آيو ته پوءِ علائقي جي ڪا به بندرگاهه محفوظ نه رهندي، جنهن سان خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي۔

ايراني فوج جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته نار جون بندرگاهون يا ته سڀني لاءِ محفوظ هونديون يا وري ڪنهن لاءِ به نه هونديون۔

ترجمان آمريڪا تي الزام لڳائيندي چيو ته بين الاقوامي پاڻيَن ۾ جهازن تي پابنديون لڳائڻ غيرقانوني عمل آهي، جيڪو سامونڊي ڦرلٽ (پائريسي) جي برابر آهي۔

هن وڌيڪ چيو ته آمريڪي ڌمڪين کان پوءِ ايران سامونڊي لنگھ ہرمز تي مڪمل ڪنٽرول قائم ڪرڻ لاءِ هڪ مستقل نظام لاڳو ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي، جنهن تحت سامونڊي اچ وڃ کي منظم ڪيو ويندو۔

ترجمان زور ڏئي چيو ته ايران پنهنجي قومي مفادن جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو ۽ جيڪڏهن ان جي بندرگاهن يا سامونڊي رستن کي نشانو بڻايو ويو ته ان جا اثر پوري علائقي تي پوندا۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں