تھران: ايران جي پرڏيھي وزير عباس عراقچي جو چوڻ آھي تہ ايران جي مسئلي جو ڪو بہ فوجي حل ناھي، ايران وطن جي بچاءَ جي لاءِ وڙھڻ لاءِ تيار آھي پر سفارتڪاري جي تحفظ ۽ ھٿي وٺرائڻ لاءِ بہ راضي آھي.
ايراني پرڏيھي وزير برڪس ملڪن ۽ عالمي برادري سان آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران جي خلاف غير قانوني جارحيت جي کليل مذمت ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
ايراني پرڏيھي وزير چيو تہ ايران جي نقطہ نظر سان آبناءِ ھرمز تمام تجارتي جھازن جي لاءِ کليل آھي، جھازن کي ايراني بحري فوج سان تعاون ڪرڻو پوندو، ايراني قوم امن پسند آھي جنگ نٿي چاھي.