ايران جي خلاف جنگ جو ڪو جواز ناھي، بحري رستا جلد کلڻ گھرجن: چين

فہرستِ مضامین

بيجنگ: چين جي پرڏيھي وزارت چيو آھي تہ ايران جي خلاف جنگ شروع نہ ٿيڻ گھربي ھئي، جنگ جو ڪو جواز ناھي، بحري رستا جلد کلڻ گھرجن.

چيني پرڏيھي وزارت چيو  آھي تہ ايران تڪرار جو حل ڪڍڻ آمريڪا ۽ ايران سان گڏوگڏ خطي جي ملڪن جي لاءِ بہ فائديمند آھي، اسان کي جلد کان جلد ڳالھين ۽ رابطي جا چينلز ٻيھر کولڻ گھرجن، ھڪ جامع ۽ ڊگھي جنگبندي جلد کان جلد ٿيڻ گھرجي.

پرڏيھي وزارت طرفان وڌيڪ چيو ويو تہ صدر ٽرمپ ۽ صدر شي جنگ پنگ وچ ۾ ملاقاتن ۾ اتفاق راءِ ٿيو آھي، ايران جنگ کي شروع ٿيڻ ئي نہ گھربو ھو، جنگ جاري رکڻ جو ڪو جواز ناھي، چين ھميشہ ڳالھين واري عمل جي حمايت ڪئي آھي.

بيجنگ حڪومت طرفان اھو بہ چيو ويو تہ ايران مسئلي جو فوجي حل اڳتي وڌڻ جو رستو نٿو ٿي سگھي، بحري رستن کي جلد کان جلد کولڻ گھرجي، عالمي برادري جي بحري رستن کي کولڻ جي مطالبي جو جواب ڏنو وڃي.

ياد رھي تہ آمريڪي صدر ٽرمپ ۽ چيني صدر شي جن پنگ جي ٻيھر ملاقات زونگ نان ھائي ۾ جاري آھي جيڪا چيني قيادت جي لاءِ ھڪ انتھائي محفوظ ڪمپليڪس سمجھي وڃي ٿي.

وائٽ ھائوس جي ھڪ ميڊيا رپورٽ مطابق ھتي صرف محدود تعداد ۾ صحافين کي ان ڪمپليڪس ۾ داخلا جي اجازت ڏني وئي، رپورٽ ۾ اھو بہ چيو ويو تہ صدارتي قافلي جي آمد جي لاءِ روڊ خالي ڪيا ويا ھئا ۽ راھگير ان منظر کي پنھنجي موبائل فونز تي رڪارڊ بہ ڪندا رھيا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں