ايران جي آمريڪا کي ٻيھر جارحيت تي سخت ڪارروائي جي وارننگ

فہرستِ مضامین

تھران: ايران آمريڪا کي ٻيھر جارحيت تي سخت ڪارروائي جي وارننگ ڏئي ڇڏي.

پنھنجي بيان ۾ ايراني پرڏيھي وزير عباس عراقچي چيو آھي تہ جيڪڏھن ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻيھر جنگ شروع ٿئي ٿي تہ ايران وڌيڪ آمريڪي طيارن کي تباھ ڪرڻ لاءِ تيار آھي.

ھن جو چوڻ ھو تہ ايران جي ھٿياربند فوج پھريان ئي ان ڳالھ جي تصديق ڪري چڪي آھي تہ ھوءَ جديد ترين ايف 35 ويڙھاڪ طياري کي بہ نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿي، اسان سبق سکيو آھي ۽ جيڪو تجربو حاصل ڪيو آھي، ان جي بنياد تي جيڪڏھن ٻيھر جنگ ٿي تہ ان ۾ وڌيڪ حيرت انگيز نتيجا سامھون ايندا.

عباس عراقچي آمريڪي ڪانگريس جي ريسرچ سروس جي ھڪ تازي رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو تہ ان ۾ پاڻ آمريڪي ڪانگريس تسليم ڪيو آھي تہ اربن ڊالر ماليت جا ڪيترائي طيارا تباھ يا نقصان جو شڪار ٿيا آھن.

ٻئي طرف ايران جي نائب پرڏيھي وزير ڪاظم غريب آبادي ھٿيار ڦٽا ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو تہ ايران وٽ ٻہ آپشنز آھن، فتح يا شھادت، جارحيت جو فيصلائتو جواب ڏيڻ لاءِ تيار آھيون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں