ايران آبناءِ ھرمز ۾ آمريڪي جھاز تي حملو ڪري ڇڏيو.
ايراني نيوز ايجنسي مطابق آبناءِ ھرمز ۾ آمريڪي جھاز کي 2 ميزائلن سان نشانو بڻايو ويو آھي.
ايراني نيوز ايجنسي جو چوڻ آھي تھ آبناءِ ھرمز ۾ ايراني وارننگ نظرانداز ڪندڙ آمريڪي جھاز تي حملو ڪيو آھي.
ذريعن مطابق حملن جي ڪري آمريڪي جھاز پنھنجو سفر روڪي ڇڏيو آھي، آمريڪي جھاز علائقي مان ڀڄڻ تي مجبور ٿي ويو آھي.
ايراني نيوز يجنسي مطابق ايران اعلان ڪيو ھو تھ آبناءِ ھرمز تان ڪو بھ بغير اجازت نٿو گذري سگھي، ايران جو چوڻ آھي تھ ھدايتون نظرانداز ڪندڙ کي فوج فيصلائتو جواب ڏنو ويندو.
ٻئي طرف ايراني پاسداران انقلاب گارڊز بحريھ پنھنجي ڪنٽرول ھيٺ آبناءِ ھرمز جو نئون نقشو جاري ڪري ڇڏيو.
واضح رھي تھ ان کان اڳ ايراني فوج جي ترجمان جو چوڻ ھو تھ تمام تجارتي بحرفي جھاز ۽ آئل ٽينڪرز آبناءِ ھرمز ۾ اسان سان رابطي کانسواءِ چرپر نھ ڪري، آمريڪي بحريھ آبناءِ ھرمز جي ويجھو بھ نھ وڃي.
پرڏيھي نيوز اداري مطابق ايراني فوج طرفان چيو ويو آھي تھ آبناءِ ھرمز جي سلامتي کي مڪمل طور تي سنڀالي رھيا آھيون. آبناءِ ھرمز ۾ نيوي گيشن ايراني ھٿياربند فوج سان رابطي ۾ رھي ڪئي ويندي.