واشنگٽن: ايران جنگ ۾ بھترين ثالثي تي آمريڪي پارليامينٽ ۾ پاڪستان جي امن ڪوششن جي ساراھھ جي قرارداد پيش ڪئي وئي.
قرارداد آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر آل گرين ايوان ۾ پيش ڪئي. قرارداد ۾ پاڪستان کي غير جانبدار ۽ قابل اعتماد ثالت قرار ڏنو ويو.
آمريڪي قرارداد جي متن ۾ چيو ويو تھ تباھ ڪندڙ جنگ دوران پاڪستان جو ڪردار اھم رھيو، ڪانگريس ميمبر ال گرين قرارداد ۾ پاڪستان جي سفارتي ڪردار جي ساراھھ ڪئي.
قرارداد ۾ چيو ويو تھ پاڪستان جاني ۽ مالي نقصان روڪڻ جي لاءِ بھترين سھولتڪاري فراھم ڪئي، پاڪستان سفارتي وفدن جي ميزباني لاءِ شھرن جي بندش جھڙيون مشڪلاتون برداشت ڪيون.
قرارداد ۾ وڌيڪ چيو ويو تھ ان جنگ جي خاتمي ۽ پائيدار امن کي يقيني بڻائڻ لاءِ اڃا بھ ڪم ڪرڻ باقي آھي، پاڪستان تعميري ڳالھيون ممڪن بڻائڻ ۾ انتھائي ضروري ڪردار ادا ڪيو آھي.
قرارداد جي متن مطابق ايران جنگ جي نتيجي ۾ ھزارين ماڻھو پنھنجي جان تان ھٿ ڌوئي ويٺا، يو اين ايڇ سي آر مطابق جاري تڪرار جي نتيجي ۾ 32 لک ماڻھو بي گھر ٿيا، ان جنگ ۾ آمريڪي فوج جا 13 اھلڪار مارجي ويا ۽ 399 کان وڌيڪ زخمي ٿيا.
قرارداد ۾ چيو ويو تھ ايران جنگ جا مالي خرچ غير معمولي سطح تائين پھچي چڪا آھن، ھڪ اندازي مطابق جنگ خرچ لڳ ڀڳ ھڪ ارب ڊالر روزانو آھن، ان جنگ جي عالمي سطح تي توانائي ۽ فيول سپلاءِ تي منفي اثر پيا، ان جنگ جو خاتمو ڌرين، وچ اوڀر ۽ ٻين ملڪن لاءِ بھ فائديمند ھوندو.