ايران: امام خميني انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان پرڏيھي فلائٽ آپريشن بحال

فہرستِ مضامین

آمريڪا اسرائيلي حملي جي 55 ڏينھن کانپوءِ ايران مان پرڏيھي اڏامون بحال ٿي ويون.

ايران جي گادي واري ھنڌ تھران جي امام خميني انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان اڄ اڏامون مدينھ، استنبول ۽ مسقط لاءِ روانيون ٿيون.

ايراني ميڊيا مطابق ايران مان حج 2026ع لاءِ اسٽاف ۽ ڪوآرڊينيٽر جي پھرين ٽيم سعودي عرب لاءِ رواني ٿي آھي.

ايئرپورٽ تان فضائي آپريشن جي بحالي بعد شنگھائي ۽ گوانگزو مان بھ اڏامن جي آمد متوقع آھي.

ھوڏانھن 55 ڏينھن ۾ پھريون ڀيرو دوحھ کان قطر ايئر جي اڏام تھران لاءِ رواني ٿي.

تھران مان اڄ دبئي، لاھور، نجف، مسقط جون اڏامون بھ شيڊول تي آھن.

ايراني ميڊيا مطابق ايندڙ ڏينھن ۾ فلائٽ آپريشن وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں