آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آھي تھ ايران آمريڪا کي ٻڌايو آھي تھ ھو تباھي جي ڪناري تي آھي.
آمريڪي صدر سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ چيو تھ ايران چاھي ٿو تھ جيترو جلدي ممڪن ٿي سگھي آمريڪا آبناءِ ھرمز کولي ڇڏي.
ھوڏانھن آمريڪي ميڊيا چيو آھي تھ آبناءِ ھرمز کي فوري کولڻ ۽ جوھري پروگرام تي بعد ۾ ڳالھيون ڪرڻ جي ايراني تجويز صدر ٽرمپ جي آڏو آئي پر ھو ان کي قبول ڪرڻ جي حق ۾ ناھي.
ٻئي طرف آمريڪي ٽي وي سي اين اين جو چوڻ آھي تھ آمريڪا ايران ھڪٻئي کان جيترو پري نظر اچي رھيا آھن ايترو آھن نھ، پسمنظر ۾ ٻنھي ملڪن وچ ۾ ڀرپور سفارتڪاري ھلي رھي آھي.
ياد رھي تھ ايران پاڪستان جي ذريعي آمريڪا کي نيون تجويزون پيش ڪيون آھن، انھن تجويزن ۾ پھريان جنگبندي ۽ پوءِ مستقل جنگبندي جي ضمانت شامل آھي.
ايران آبناءِ ھرمز کولڻ جي پيشڪش آمريڪي ناڪابندي جي خاتمي سان مشروط ڪئي آھي ۽ چيو آھي تھ اھو سڀ ٿي وڃي تھ پوءِ ايراني ايٽمي پروگرام تي ڳالھيون ٿينديون جڏھن تھ آمريڪا کي پرامن مقصدن لاءِ يورينيم افزودگي جو ايراني حق تسليم ڪرڻو پوندو.