آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آھي تہ ايران کي جوھري ھٿيار رکڻ جي اجازت نہ ڏينداسين انھن جو يورينيم حاصل ڪنداسين، ٿي سگھي ٿو ايران ۾ ٻيھر حملا ڪرڻا پون.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽروٿ سوشل تي بيان جاري ڪندي چيو آھي تہ ايران آمريڪا ۽ باقي دنيا سان کيڏي رھيو آھي، دير، دير ۽ دير، اھا راند ايران 47 سالن کان کيڏي رھيو آھي.
ٽرمپ چيو تہ ايران آخرڪار ان وقت وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي جڏھن بارڪ اوبامہ صدر بڻيو، اوبامہ نہ صرف ايران جي لاءِ نرم موقف رکندو ھو پر انھن جي حق ۾ ھليو ويو.
آمريڪي صدر الزام ھنيو تہ اوبامہ ايران کي ٻيھر طاقت ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ جو وڏو موقعو فراھم ڪيو، اوبامہ دور ۾ سوين ارب ڊالر ۽ 1.7 ارب ڊالر روڪ رقم طيارن جي ذريعي تھران موڪلي وئي، اھا ايتري وڏي رقم ھئي جو اھا اتي پھتي تہ ايراني پاڻ بہ نہ ڄاڻندا ھئا تہ ان جو ڇا ڪريون، ايرانين اھڙي طرح پئسا ڪڏھن نہ ڏٺا ھئا ۽ نہ ئي آئيندھ ڪڏھن ڏسندا.
ٽرمپ چيو تہ ايران کي سڀ کان آسان شڪار ملي ويو ھو جيڪو ھڪ ڪمزور ۽ نادان آمريڪي صدر جي صورت ۾ ھو.
ھن چيو تہ اوبامہ آمريڪا جي ليڊر طور تي ھڪ تباھي ھو پر سليپي جوبائيڊن جيترو خراب نہ ھو. 47 رسالن کان ايراني اسان کي مسلسل الجھائيندا ۽ انتظار ڪرائيندا رھيا آھن، ايران تازو ئي 42 ھزار بيگناھ ۽ ھٿين خالي مظاھرين کي ماريو.
صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو تہ ايران کي جوھري ھٿيار رکڻ جي اجازت نہ ڏينداسين انھن جو يورينيم حاصل ڪنداسين، ٿي سگھي ٿو ايران ۾ ٻيھر حملا ڪرڻا پون.