اسلام آباد : پاڪستان جي ميزباني ۾ ايران ۽ آمريڪا جي وفدن وچ ۾ اهم سفارتي ڳالهيون ٿي رھيون آھن، جتي ٻنهي ڌرين وچ ۾ نازڪ جنگبندي کي اڳتي وڌائڻ ۽ ڪنهن وسيع معاهدي تائين پهچڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
ذريعن موجب، ڳالهين جو مرڪز ٻن مختلف تجويزن تي ٻڌل آهي، جتي ايران 10 نقطن تي ٻڌل فريم ورڪ پيش ڪيو آهي، جڏهن ته آمريڪا 15 نقطن وارو منصوبو سامهون رکيو آهي. جيتوڻيڪ ٻنهي ملڪن ڳالهين لاءِ آمادگي ظاهر ڪئي آهي، پر اهم اختلاف اڃا تائين برقرار آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳالهين جو اهم ترين محور ايران جو جوهري پروگرام آهي. واشنگٽن ان حوالي سان سخت خاطريون ۽ ضمانتون گهري رهيو آهي ته تهران جوهري هٿيار تيار نه ڪندو، جڏهن ته يورينيم جي افزودگي کي محدود ڪرڻ ۽ انٽرنيشنل ائٽمڪ انرجي ايجنسي جي سخت نگراني تي زور ڏنو پيو وڃي.
ٻئي طرف، ايران پرامن جوهري سرگرمين، بشمول افزودگي کي پنهنجي خودمختياري جو حق قرار ڏئي رهيو آهي
رپورٽ موجب اقتصادي پابنديون پڻ هڪ اهم تڪراري نقطو بڻيل آهن. ايران عالمي پابندين جي فوري خاتمي ۽ پرڏيهي بئنڪن ۾ منجمد اثاثن جي واپسي جو مطالبو ڪري رهيو آهي.
ان جي ابتڙ، آمريڪا جو موقف آهي ته پابندين ۾ نرمي مرحليوار هجي ۽ ان کي ايران جي قابل تصديق عملداري سان مشروط رکيو وڃي.
سامونڊي لنگھ هرمز ۽ علائقائي اثر تي ڪنٽرول ۽ رسائي به حساس معاملو آهي. ايران هن سامونڊي رستي تي پنهنجي ڪردار جي باضابطه سڃاڻپ چاهي ٿو، جڏهن ته آمريڪا عالمي واپار ۽ توانائي رسد لاءِ ان کي کليل ۽ محفوظ رکڻ تي زور ڏئي رهيو آهي.
علائقائي سطح تي، آمريڪا ايران تي اتحادي هٿياربند گروهن جي حمايت ختم ڪرڻ لاءِ پڻ دٻاءُ وجهي رهيو آهي، جڏهن ته ايران انهن گروهن خلاف ڪارروائين جي خاتمي ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي. ايران آمريڪي فوجن جي واپسي ۽ عدم جارحيت جي ضمانت پڻ گهري آهي، جنهن کي آمريڪا پنهنجي اتحادي مفادن سبب قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايران جو بيلسٽڪ ميزائل پروگرام پڻ ڳالهين ۾ شامل آهي, آمريڪا هن پروگرام کي محدود ڪرڻ چاهي ٿو، جڏهن ته ايران ان کي پنهنجي دفاعي حق سان ڳنڍي ٿو.
ان سان گڏ، ايران تازن جنگي حملن ۾ ٿيل نقصانن جي ازالي جو مطالبو به اٿاريو آهي، جڏهن ته آمريڪا پنهنجي مفادن ۽ اتحادي ملڪن تي حملن بابت احتساب تي زور ڏئي سگهي ٿو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻن هفتن واري جنگبندي جو مدو ختم ٿيڻ ويجهو آهي، تنهن ڪري ڪا به اڳڀرائي مرحليوار ٿي سگهي ٿي، جنهن جي شروعات اعتماد سازي جي قدمن سان ٿيندي.
في الحال ڪنهن وڏي بريڪ ٿرو جي اميد گهٽ آهي، پر ڳالهين جي جاري رھڻ ۽ جنگبندي ۾ واڌ جا امڪان موجود آهن….