عالمي سطح تي اهميت رکندڙ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ هلندڙ تڪرار کي گهٽائڻ لاءِ سفارتي ڪوششن ۾ تيزي اچي وئي آهي، جنهن ۾ پاڪستان به اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پاڪستاني پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهين جي ٻئي دور کي ممڪن بڻائڻ لاءِ اسلام آباد مسلسل رابطا ڪري رهيو آهي.
ذريعن موجب پاڪستان جي هن سفارتي مهم جي سلسلي ۾ پاڪ فوج جي سربراهه عاصم منیر گذريل رات ايران پهتو، جتي هو ايراني قيادت سان اهم ملاقاتون ڪري رهيو آهي. انهن ملاقاتن ۾ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال، ايران آمريڪا تڪرار ۽ ڳالهين جي بحالي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي پئي وڃي.
ٻئي پاسي وزيراعظم شہباز شریف پڻ سفارتي سطح تي سرگرم نظر اچي رهيو آهي ۽ هو هن وقت ٽن ملڪن جي دوري تي آهن. هن دوري جو مقصد به علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ عالمي اڳواڻن سان مشاورت ڪرڻ آهي، خاص طور تي ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ.
ساڳئي وقت وچ اوڀر ۾ هڪ ٻيو اهم سفارتي رابطو به سامهون آيو آهي. اسرائيلي حڪومت جي هڪ وزير دعويٰ ڪئي آهي ته وزيراعظم نيتن ياهو اڄ لبنان جي صدر جوزف آئيون سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. هن ممڪن رابطي کي به خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ جي ڪوششن سان ڳنڍي ڏٺو پيو وڃي.
تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو دور ڪامياب ٿئي ٿو ته نه رڳو وچ اوڀر پر پوري دنيا ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام تي مثبت اثر پوندا. پاڪستان جي ثالثي ڪردار کي به هن تناظر ۾ اهميت ڏني پئي وڃي، ڇاڪاڻ ته اسلام آباد ٻنهي ملڪن سان سفارتي لاڳاپا رکي ٿو.
واضح رهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ تڪرار ڪيترن ئي معاملن تي رهيو آهي، جن ۾ جوهري پروگرام، پابنديون ۽ علائقائي اثر رسوخ شامل آهن، ۽ هاڻي عالمي برادري انهن اختلافن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي اميد رکي ٿي۔