ڪراچي: پاڪستان جي ڪامياب سفارتڪاري جي نتيجي ۾ ايران آمريڪا جنگبندي جا معاشي اثر عالمي مارڪيٽ ۾ اچڻ شروع ٿي ويا آھن.
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ اربع جي ڏينھن 12920 پوائنٽس جو واڌارو رڪارڊ ڪيو ويو، جنھن جي نتيجي ۾ 100 انڊيڪس ھڪ لک 64 ھزار 594 پوائنٽس جي سطح تي آيو.
پي ايس ايڪس انتظاميہ موجب وڏي نوعيت جي تيزي سبب ڪاروباري سرگرمين کي ھڪ ڪلاڪ لاءِ معطل ڪيو ويو.
اڄ صبح ڪاروبار وڌندي ئي ايس اي 30 انڊيڪس ۾ 5 سيڪڙو کان وڌيڪ وڏي اضافي تي ريڊنگ 9 لڳي 37 منٽن تي معطل ڪئي وئي.
بعد ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري سرگرميون ٻيهر بحال ڪيون ويون ۽ شيئر بازار ۾ 12,730 پوائنٽنس جي وڏي واڌ جو سلسلو جاري رھيو، جنهن جي نتيجي ۾ انڊيڪس وڌي هڪ لک 64 هزار 404 پوائنٽن جي سطح تي پهچي ويو…..