ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ غير يقيني جنگبندي دوران عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ گھٽتائي ڏٺي وئي.
مسلسل ٽي ڏينھن اضافي بعد اربع ڏينھن تيل جون قيمتون ھيٺ اچي ويون جڏھن تہ سيڙپڪارن جون نظرون خطي جي صورتحال ۽ آمريڪي صدر ٽرمپ جي چين جي دوري تي آھن.
بين الاقوامي ميڊيا رپورٽس مطابق برينٽ تيل جي قيمت ۾ 82 سينٽس يا 0.76 سيڪڙو گھٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي جنھن کانپوءِ برينٽ تيل 106.95 ڊالر في بيرل تي اچي ويو.
ٻئي طرف آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ تيل جي قيمت بہ 66 سينٽس يا 0.65 سيڪڙو گھٽجي 101.52 ڊالر في بيرل تائين پھچي وئي.
معاشي ماھرن مطابق مارڪيٽ ھن وقت ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جاري نازڪ جنگبندي تي نظر رکي رھي آھي، ڇو تہ ڪنھن بہ نئين فوجي ڪارروائي يا آبناءِ ھرمز ۾ ڇڪتاڻ عالمي توانائي مارڪيٽ کي ٻيھر متاثر ڪري سگھي ٿي.
سيڙپڪارن جو ڌيان ھن وقت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي چين جي دوري تي بہ آھي، جتي ھو چيني صدر شي جنپنگ سان اھم ملاقات ڪندو. ملاقات ۾ ايران جنگ، عالمي معيشت، تجارتي تعلقات ۽ تيل جي ترسيل جھڙا اھم موضوع بحث ھيٺ اچڻ جو امڪان آھي.
ماھرن جو چوڻ آھي تہ جيڪڏھن آمريڪا، چين ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ گھٽتائي اچي ٿي تہ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون وڌيڪ مستحڪم ٿي سگھن ٿيون، جڏھن تہ خطي جي صورتحال اڃا بہ انتھائي حساس تصور ڪئي پئي وڃي.