تھران: ايراني پرڏيھي وزير عباس عراقچي سينٽ پيٽرز برگ پھچي ويو آھي جتي ھو روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان اھم ملاقات ڪندو.
ايراني سرڪاري نيوز ايجنسي اسلامي جمھوريھ ايران نيوز يجنسي (ارنا) مطابق عباس عراقچي جو طيارو ميناب 168 ڪي ڪال سائن سان روانو ٿيو، جيڪو 28 فيبروري تي شھر ميناب جي ھڪ پرائمري اسڪول تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي ۾ شھيد ٿيندڙ ٻارڙن جي ياد ۾ رکيو ويو ھو.
ھي دورو ھڪ اھم سفارتي اڳڀرائي جي طور تي ڏٺو پيو وڃي، جنھن ۾ ايران ۽ روس وچ ۾ گڏيل تعلقات ۽ خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ متوقع آھي.