ايران ۾ فٽبال ٽيم جي فيفا ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ روانگي کان ھڪ ھفتو اڳ وڏو اجتماع ڪيو ويو.
پرڏيھي ميڊِا مطابق اھو اجتماع گادي واري شھر تھران ۾ انقلاب اسڪوائر تي ڪيو ويو جتي گڏ ٿيل ھزارين ماڻھن ٽيم جي حق ۾ نعرا ھنيا ۽ ڪاميابي لاءِ دعائون ڪيون.
ان کان علاوھ فٽبال ٽيم جي ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان ملاقات بہ ٿي ۽ ٽيم صدر کي 12 نمبر جي ٽي شرٽ پيش ڪئي.
ان موقعي تي مسعود پزشڪيان ٽيم کي چيو تہ ايران جي عظمت جي لاءِ ميدان ۾ پوري توانائي استعمال ڪريو، ايراني قوم دعاڳو آھي تہ ٽيم پوري طاقت سان ميدان ۾ لھي ۽ اعزاز سان موٽي.
ھن وڌيڪ چيو تہ اميد آھي تہ ٽيم ايران جي فخر ۽ اتحاد جي علامت بڻجي ڀرندي، ايراني قوم کي پنھنجي محنتي پٽن تي فخر آھي.
سربراھ ايرو اسپيس پاسداران انقلاب ايران بہ چيو تہ پوري قوم ھر قدم تي ٽيم سان گڏ آھي.
رھي تہ فيفا ورلڊ ڪپ ايندڙ مھيني آمريڪا، ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو ۾ کيڏيو ويندو، ايران فٽبال ٽيم آمريڪي رياست لاس اينجلس ۾ پنھنجو پھريون ميچ نيوزي لينڊ جي خلاف 15 جون تي کيڏندي.