ايراني عوام کي آمريڪا تي اعتماد ناھي، حق برقرار رھڻ گھرجن: ايراني صدر

فہرستِ مضامین

تھران: ايران جي صدر مسعود پزشڪيان چيو آھي تہ ايراني عوام کي آمريڪا تي اعتماد  ناھي، ايران جا حق برقرار رھڻ گھرجن.

سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنھنجي پيغام ۾ ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو تہ ھڪ حڪومت لاءِ ايٽمي ھٿيار ۽ ٻئي تي جنگ مسلط،  ڇا ڪجھ عالمي اڳواڻن جو ضمير مري چڪو آھي.

ٻئي طرف ايراني آرمي چيف بہ دشمن کي پيغام ڏيندي چيو آھي تہ ڪنھن بہ ڌمڪي يا جارحيت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آھيون، آخري پساھ تائين پنھنجي عھد تي قائم رھنداسين.

ايران جي قومي سلامتي ڪميٽي جي ترجمان ابراھيم رضائي چيو آھي تہ تھران افزودھ يورينيم  کي ملڪ مان ٻاھر منتقل ڪرڻ کي قبول نہ ڪندو ۽ ان حوالي سان ڪنھن بہ قسم جي واعدن جي ترديد ڪئي آھي، باوجود ان جي تہ آمريڪا ان جي ابتڙ دعويٰ ڪري رھيو آھي.

رضائي الجزيرھ سان ڳالھائيندي چيو تہ تھران افزودگي کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ يا پنھنجي پرامن جوھري پروگرام کي روڪڻ بابت ڪنھن بہ تجويز کي رد ڪري ٿو، ڇو تہ اھا ان جي لاءِ ھڪ اسٽريٽجڪ ريڊ  لائن آھي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ بار بار دعويٰ ڪري چڪو آھي تہ ايران پنھنجو افزودھ يورينيم ذخيرو حوالي ڪري ڇڏيندو ۽ ھاڻ ھن لکيو تہ آمريڪا تمام نيوڪليئر ڊسٽ حاصل ڪري وٺندو.

ايران جي پرڏيھي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي بہ ٽرمپ جي اھڙين دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو آھي، افزودھ يورينيم اسان لاءِ ايراني سرزمين جيتري مقدس آھي ۽ ان کي ڪنھن بہ صورت ۾ ڪيڏانھن منتقل نہ ڪيو ويندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں