ايراني عوام جا حڪومت جي حق ۾ مظاھرا، ھٿياربند عورتون بھ ٻاھر نڪري آيون

فہرستِ مضامین

جنگبندي ختم ٿيڻ جي تاريخ ويجھو اچڻ سان گڏ ئي ايران ۾ حڪومت جي حق ۾ مظاھرن تي تيزي اچي وئي.

ايراني ميڊيا موجب خرم آباد شھر جي مغربي علائقي ۾ ايراني حڪومت ۽ فوج جي حق ۾ وڏي ريلي ڪڍي وئي جنھن ۾ عورتن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ڊيل نھ ٿيڻ جي صورت ۾ ايران کي صدر ٽرمپ طرفان نئين ڌمڪي سامھون اچڻ کانپوءِ ايران ۾ مظاھرن ۾ عورتون بھ وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيون.

اصفحان ڪيل مظاھري ۾ اھڙين برقعھ پوش عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ھئي جيڪي پاڻ کي ڪلاشنڪوف ۽ راڪيٽ لانچي سان ليس ڪيل ھيون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں