تھران: ايران جي عدالت 8 عورتن کي موت جي سزا بابت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دعويٰ کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو آھي.
ايراني ميڊيا ايراني عدليھ جو حُالي ڏيندي چيو تھ ميدان ۾ ٽرمپ جي خالي ھٿن کيس ڪوڙين خبرن سان ڪاميابي گھڙڻ تي مجبور ڪيو، جن عورتن جي ڳالھھ ٽرمپ ڪري رھيو آھي انھن کي ڪڏھن موت جي سزا ٻڌائي ئي ناھي وئي.
آمريڪي صدر انھن 8 عورتن بابت گذريل ڏينھن بھ ڪوڙو بيان ڏنو ھو، اڄ ٽرمپ چيو تھ سندس مطالبي تي ايران ۾ انھن عورتن جي ڦاھي واري سزا رد ڪئي وئي.
ايراني ميڊيا موجب گذريل ڏينھن ٽرمپ بيان ڏنو تھ امن ڳالھين کان پھريان ايران انھن عورتن کي آزاد ڪري، گذريل ڏينھن ڪوڙو ثابت ٿيڻ جي باوجود آمريڪي صدر ھڪ ٻي ڪوڙي دعويٰ ڪئي.