ايراني سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنھ اي شديد زخمي پر ھوش ۾ آھي: نيويارڪ ٽائمز

فہرستِ مضامین

نيويارڪ: آمريڪي اخبار نيو يارڪ ٽائمز ايراني عھديدار جي حوالي سان رپورٽ ڏني آھي تھ سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنھ اي شديد زخمي آھي پر ھوش ۾ آھي.

آمريڪي اخبار سينيئر ايراني عھديدار جي حوالي سان ٻڌايو تھ سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنھ اي اڃا تائين طبي ٽيم جي نگراني ۾ آھي، مجبتيٰ خامنھ اي تائين پيغام ھٿ سان لکي قاصدن جي ذريعي پھچايا پيا وڃن.

ايراني عھديدار مطابق ايران جو ڪنٽرول ھاڻ فوجي جنرل ھلائي رھيا آھن، ڪجھھ ئي ماڻھن کي سپريم ليڊر تائين رسائي حاصل آھي، فيصلن جي تصديق سپريم ليڊر پاڻ ڪندو آھي.

نيويارڪ ٽائمز کي ايراني عھديدار وڌيڪ ٻڌايو تھ اسرائيلي يا آمريڪي نگراني کان بچڻ لاءِ اعليٰ عملدار سپريم ليڊر جي ويجھو نٿا وڃن، پيغام پھچائڻ لاءِ غير روايتي پر محفوظ طريقا استعمال ڪيا پيا وڃن.

نيو يارڪ ٽائمز پنھنجي رپورٽ ۾ چيو آھي تھ مجتبيٰ خامنھ اي ھڪ پراسرار شخصيت بڻجي چڪو آھي جيڪو مارچ ۾ مقرري بعد نھ عوام جي سامھون آيو آھي نھ ئي سندس آواز ٻڌي وئي آھي.

رپورٽ موجب مجتبيٰ خامنھ اي 28 فيبروري تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ پنھنجي والد جي ڪمپائونڊ تي بمباري بعد منظر تي ناھي آيو، ايراني صدر مسعود پزشڪيان جيڪو پيشي جي اعتبار سان دل جو سرجن بھ آھي، مجتبيٰ خامنھ اي جي علاج ۾ شامل رھيو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں