ايراني اداڪارھ کي غير مناسب ميسيج موڪلڻ تي گھرواريءَ فرانسيسي صدر ميڪرون کي چماٽ ھنئي ھئي، ڪتاب ۾ انڪشاف

فہرستِ مضامین

فرانسيسي صدر ميڪرون کي 2025 ۾ سندس گھرواريءَ ۽ خاتون اول بريجيٽ ميڪرون طرفان طياري ۾ چماٽ ھڻڻ جو سبب سامھون اچي ويو.

فرانسيسي عورت صحافي فلورين تارديف جي نئين ڪتاب ۾ صدر ميڪرون بابت انڪشاف ڪيو آھي تہ خاتون اول بريجيٽ صدر ميڪرون جي موبائل فون تي ڪجھ پيغام ڏسي ورتا ھئا.

ڪتاب ۾ دعويٰ ڪئي وئي آھي تہ صدر ميڪرون ايراني اداڪارھ گل شفتي فرحاني کي غير مناسب ميسيج موڪليا ھئا، صدر ميڪرون ۽ خاتون اول جو طياري ۾ شديد بحث ٿيو ھو.

ڪتاب ۾ دعويٰ ڪئي وئي آھي تہ 48 سالن جي صدر ميڪرون جو 42 سالن جي گل شفتي فرحاني سان ڪيترن ئي مھينن تائين تعلق قائم رھيو.

دعويٰ ڪئي وئي آھي تہ صدر ميڪرون ھڪ ميسيج ۾ ايراني اداڪارھ کي چيو ھو تہ ھوءَ تمام خوبصورت نظر اچي ٿي.

رپورٽ مطابق خاتون اول جي دوست مصنفہ کي ٻڌايو تہ بريجيٽ کي ميڪرون ۽ گل شفتي وچ ۾ پيغامن جي ڏي وٺ کان وڌيڪ ڏک ان ڳالھ جو ھو تہ ان کي احساس ٿيو تہ ھوءَ آھستي آھستي مٽائي پئي وڃي.

نيوز ايجنسي مطابق فرانسيسي خاتون اول جي نمائندي مصنفہ جي دعويٰ جي ترديد ڪندي چيو آھي تہ بريجيٽ مڙس جون ٽيليفون چيڪ نہ ڪندي آھي.

ٻئي طرف ايراني اداڪارھ گل شفتي فرحاني بہ صدر ميڪرون سان تعلق جي ترديد ڪئي آھي.

ياد رھي تہ گذريل سال مئي ۾ ويتنام پھچڻ تي فرانسيسي صدر جي طياري جو دروازو کليو تہ صدر ميڪرون جي منھن تي پوندڙ ھٿ ڪئميرائن جي ڌيان ڇڪايو جنھن کان پوءِ فرانسيسي صدر ڪئميرائن کي ڏسي ھٿ لوڏيا.

واقعي جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي جھنگ جي باھ وانگر ڦھلجي وئي جنھن ۾ چيو ويو تہ فرانسيسي خاتون اول فرانسيسي صدر کي چماٽ وھائي ڪڍي.

جڏھن تہ واقعي بعد فرانسيسي صدر ميڪرون صحافين سان ڳالھائيندي چيو ھو تہ گھرواري سان مذاق ڪري رھيو ھو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں