امارات سميت خطي جي ڪنھن بہ ملڪ سان اسان جي ڪا دشمني ناھي: اسماعيل بقائي

فہرستِ مضامین

ايراني پرڏيھي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي جو چوڻ آھي تہ متحدھ عرب امارات سميت خطي جي ڪنھن بہ ملڪ سان اسان جي ڪا دشمني ناھي.

پريس ڪانفرنس ڪندي اسماعيل بقائي ٻڌايو تہ پاڪستاني ثالثي ذريعي ڳالھين جو عمل جاري آھي، تازين ايراني تجويزن تي ايران ۽ آمريڪا ٻئي پنھنجا ڪمنٽس ڏئي چڪا آھن.

ھن ٻڌايو تہ آمريڪا سان ڳالھين ۾ ايراني مطالبن ۾ ايراني منجمد فنڊز جاري ڪرڻ ۽ پابنديون کڻڻ شامل آھي.

اسماعيل بقائي چيو تہ دشمن کي جواب ڏيڻ ڄاڻون ٿا، آمريڪي ڄاڻي چڪو آھي تہ ھو ڌمڪين ۽ اقتصادي دٻاءَ سان ايران کي پنھنجا حق حاصل ڪرڻ کان نٿو روڪي سگھي. ھن مرحلي تي اسان جو ڌيان جنگ جي خاتمي تي آھي.

ھن چيو تہ ايراني ۽ عماني ٽيڪنيڪي ٽيمن گذريل ھفتي عمان ۾ ملاقات ڪئي، ٻنھي ٽيمن آبناءِ ھرمز ۾محفوظ بحري اچ وڃ جي طريقيڪار تي ڳالھ ٻولھ ڪئي.

اسماعيل بقائي اھو بہ ٻڌايو تہ آبناءِ ھرمز ميڪنزم جي لاءِ ايران عمان سميت تمام لاڳاپيل ڌرين سان مسلسل رابطي ۾ آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں