اسلا م آباد ڳالھين جو ٻيو دور،  تياريون مڪمل

فہرستِ مضامین

اسلام آباد :

پاڪستان اسلام آباد ۾ ڳالهين جي ٻي رائونڊ لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن .

پرڏيهي کاتو، گهرو وزارت ۽ اطلاعات کاتي سميت سڀني لاڳاپيل ادارن کي الرٽ ڪيو ويو آهي۔

جيڪي عملدار پهرين مرحلي ۾ ڪم ڪري چڪا آهن، انهن کي چيو ويو آهي ته ٻيهر تيار رھن۔

ڳالهين جو ٻيو مرحلو

امڪان آهي ته خميس ڏينهن ڳالهين جو ٻيو دور ٿي سگهي ٿو۔

ايران ۽ آمريڪا پهرين مرحلي ۾ ٽياڪڙي (ميڊيئيشن) لاءِ ٻن  ٻن ملڪن جا نالا پيش ڪيا هئا۔

هاڻي انهن ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن۔

پاڪستان هن سڄي عمل ۾ ثالث (وچ ۾ صلح ڪرائڻ وارو) ڪردار ادا ڪري رهيو آهي۔

عالمي سطح تي پاڪستان جي هن ڪوشش کي اهميت ڏني پئي وڃي۔

اسلام آباد ٻيهر اهم سفارتي مرڪز بڻجي رهيو آهي

ايران ۽ آمريڪا جي ڳالهين جو ٻيو دور ويجهو آهي

پاڪستان اهم ثالثي ڪردار ادا ڪري رھيو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں