اسلام آباد ۾ گرينڊ سرچ آپريشن، 24 شڪي حراست ۾، منشيات ھٿ
اسلام آباد پوليس مختلف علائقن ۾ گڏيل گرينڊ ڪومبنگ سرچ آپريشن دوران 24 شڪي ماڻھن کي حراست ۾ وٺي ورتو.
پوليس مطابق 31 موٽر سائيڪلن کي جاچ پڙتال لاءِ لاڳاپيل ٿاڻن ۾ منتقل ڪيو ويو آھي.
پوليس جو چوڻ آھي تھ منشيات فروشي ۾ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آھي جڏھن تھ انھن جي قبضي مان 540 گرام ھيروئن ۽ 33 گرام آئس ھٿ ڪئي وئي آھي.
پوليس جو چوڻ آھي تھ شھر ۾ ڏوھن جي خاتمي لاءِ اھڙا آپريشن جاري رھندا.