اسلام آباد ۾ چئن ملڪن پاڪستان، سعودي ،مصر ۽ ترڪيه جو اهم اجلاس

فہرستِ مضامین

 اسلام آباد :

ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پاڪستان، سعودي عرب، مصر ۽ ترڪيه جي چئني  ملڪن جي پرڏيهي وزارتن جي اعليٰ عملدارن جو اجلاس ٿيو آهي  جنهن ۾  گڏجي علائقي ۾ امن ۽ استحڪام وڌائڻ تي زور ڏنوويو آهي۔ ايران آمريڪا ڇڪتاڻ گهٽائڻ  کانسواءِ واپاري ۽ اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آھي۔

 پاڪستان جي پرڏيهي کاتي پاران جاري ڪيل بيان موجب گڏيل طور تي ڪم ڪرڻ لاءِ هڪ نئون فريم ورڪ (طريقو) ٺاهڻ جي ضرورت تي پڻ بحث ٿيو۔

فيصلو ٿيو ته هنن ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پرڏيهي وزيرن جي سطح تي وڌيڪ ملاقاتون ٿينديون۔

پاڪستان جي نائب وزيراعظم اسحاق ڈار چيو ته چارئي ملڪ گڏجي ڪم ڪن ته علائقي ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي آڻي سگهجي ٿي۔

هن زور ڏنو ته گڏيل پاليسي ۽ تعاون لاءِ واضح نظام ٺاهڻ ضروري آهي۔

چارئي ملڪن جا پرڏيهي وزير 17 اپريل تي انطالیہ (ترڪيه) ۾ ٻيهر ملندا۔

هي ملاقات انطالیہ ڈپلومیسی فورم دوران ٿيندي، جتي اهم عالمي معاملن تي وڌيڪ فيصلا ڪيا ويندا۔

 هوڏانهن پاڪستان جي اندر وزيراعظم شہباز شریف ۽ صدر آصف علی زرداری وچ ۾ به  اهم ملاقات ٿي آهي۔

 ذريعن موجب ان ۾ سيڪيورٽي ۽ سفارتي صورتحال تي ڳالهيون ٿيون آهن، خاص طور تي آمريڪا ۽ ايران جي ڳالهين بابت صدر کي آگاهه ڪيو ويو۔

 نائب وزيراعظم اسحاق ڊار مختلف ملڪن ۽ ادارن سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو، جن ۾

اقوام متحدہ

یورپی یونین

سڀني پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو، خاص ڪري آمريڪا ايران ڳالهين ۾ سهولت ڏيڻ تي۔

هي اجلاس ڏيکاري ٿو ته پاڪستان، سعودي عرب، ترڪيه ۽ مصر گڏجي علائقي ۾ امن چاهين ٿا، اقتصادي تعاون وڌائڻ چاهين ٿا ۽ عالمي معاملن ۾ گڏيل حڪمت عملي ٺاهڻ طرف وڌي رھيا آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں