اسلام آباد ۾ زلزلي جا لوڏا، شدت 5.2 رڪارڊ

فہرستِ مضامین

وفاقي گادي واري ھنڌ اسلام آباد ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

زلزلي جي شدت جو پتو لڳائيندڙ مرڪز مطابق زلزلي جي شدت 5.2 رڪارڊ ڪئي وئي جنھن جو مرڪز تاجڪستان ۽ چين جو سرحد علائقو ھو.

اھو زلزلو 125 ڪلو ميٽر جي گھرائي ۾ آيو آھي.

زلزلي متاثر علائقن ۾ ماڻھو ڪلما پڙھندي گھرن مان ٻاھر نڪري آيا.

ٻئي طرف ريسڪيو عملدارن ٻڌايو تھ زلزلي جي لوڏن سبب جاني ۽ مالي نقصان جي اطلاع نھ ملي آھي جڏھن تھ ٽيمن کي الرٽ ڪيو ويو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں