اسلام آباد : خطي ۽ عالمي سطح تي تيزي سان تبديل ٿيندڙ سفارتي حالتن جي وچ ۾ اسلام آباد هڪ اهم سفارتي مرڪز بڻجي ويو آهي، جتي ايران، آمريڪا ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين وچ ۾ اهم اڳڀرائي سامهون اچي رھي آهي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ تڪراري بيان ڏيندي چيو آهي تہ“ ايراني صرف ان لاءِ اڄ زندہ آهن تہ جيئن هو ڳالهيون ڪن،” سندس بيان عالمي سطح تي سخت ردعمل کي جنم ڏنو آهي، جڏھن تہ ايران ان کي ڌمڪي ۽ دٻاءُ واري پاليسي جو تسلسل قرار ڏنو آهي.
ٻئي پاسي ایران اسلام آباد ۾ امڪاني ڳالهين کان اڳ پنهنجا اهم شرط سامهون رکيا آهن، ايراني ذريعن موجب، تهران حڪومت مطالبو ڪيو آهي تہ:
لبنان ۾ فوري جنگ بندي ڪرائي وڃي
عالمي سطح تي منجمد ڪيل ايراني اثاثا بحال ڪيا وڃن
ايران جو موقف آهي تہ بغير انهن قدمن جي ڪنهن بہ سنجيدہ ڳالهين جو ڪو فائدو نہ ٿيندو.
ان سلسلي ۾ شھباز شریف بہ بيان جاري ڪندي چيو آهي تہ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اهي ڳالهيون “هڪ انتهائي ڏکيو مرحلو” آهن
هن چيو تہ پاڪستان پوري ڪوشش ڪندو تہ ڌرين کي ڳالهين جي ميز تي آڻي امن جو رستو هموار ڪيو وڃي، سندس چوڻ هو تہ “اسان جي ترجيح خطي ۾ امن، استحڪام ۽ تڪرارن جو پرامن حل آهي.”
ساڳئي وقت، لبنان جي صدارتي آفيس طرفان جاري بيان موجب اسرائیل ۽ لبنان وچ ۾ پڻ هڪ اهم اڳڀرائي ٿي رھي آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگبندي ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون اڱاري ڏينهن واشنگٽن ۾ شروع ٿيڻيون آهن، جيڪي وچ اوڀر ۾ امن لاءِ اهم قدم سمجهيا پيا وڃن.
تجزئي نگارن جو چوڻ آهي تہ هڪ پاسي اسلام آباد ۾ ايران آمريڪا ڳالهين جون ڪوششون ۽ ٻئي پاسي واشنگٽن ۾ اسرائيل-لبنان ڳالهيون، عالمي سفارتڪاري جي نئين لهر جو اشارو آهن، بهرحال، سخت موقف، بي اعتمادي ۽ اڳوڻن تڪرارن سبب ڪاميابي اڃا بہ هڪ وڏو چيلينج بڻيل آهي.
ماھرن موجب، ايندڙ ڪجهہ ڏينهن خطي جي سياست لاءِ فيصلائتا ثابت ٿي سگهن ٿا، جتي ننڍي اڳڀرائي بہ وڏي تبديلي جو سبب بڻجي سگهي ٿي، جڏھن تہ ناڪامي وڌيڪ ڇڪتاڻ کي جنم ڏئي سگهي ٿي…..