اسلام آباد ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ اڻ سڌيون  ڳالهيون شروع

فہرستِ مضامین

اسلام آباد ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ اڻ سڌيون  ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن، پاڪستان ثياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رھيو آهي.

پاڪستان جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ آمريڪا ۽ ايران جي اعليٰ سطحي وفدن وچ ۾ اڻ سڌين  ڳالهين جو باضابطه آغاز ٿي ويو آهي، سرڪاري ذريعن موجب اهي اهم سفارتي رابطا ڇنڇر جي شام شروع ٿيا، جن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سڌي ڳالهه ٻولهه بدران پيغامن جي ڏي وٺ پاڪستاني اختيارين ذريعي ڪئي پئي وڃي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته هي ڳالهيون هڪ انتهائي حساس ۽ ڏکئي سفارتي عمل جو حصو آهن، جنهن ۾ پاڪستان ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ته جيئن خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي گهٽائي سگهجي ۽ اعتماد جي فضا پيدا ٿي سگهي.

سرڪاري ڄاڻ مطابق آمريڪي ۽ ايراني وفد الڳ الڳ ڪمرن ۾ موجود آهن، جڏهن ته پاڪستاني سفارتڪار “پل” جو ڪردار ادا ڪندي هڪ ڌر جو پيغام ٻي ڌر تائين پهچائي رهيا آهن. سفارتي اصطلاح ۾ هن طريقي کي اڻ سڌي سفارتڪاري (Indirect Diplomacy) چيو وڃي ٿو.

ذريعن موجب ابتدائي مرحلي ۾ ڌيان هيٺين نقطن تي آهي، خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، ڪجهه حساس علائقائي تڪرارن تي ڳالهه ٻولهه انساني ۽ اقتصادي پابندين جي اثرن تي غور مستقبل ۾ سڌي ڳالهين لاءِ راهه هموار ڪرڻپاڪستاني اختيارين جو چوڻ آهي ته اسلام آباد هميشه خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي ۽ موجوده ڳالهيون به ان ئي تسلسل جو حصو آهن.

سفارتي ذريعن مطابق پاڪستان ٻنهي ملڪن کي اهڙي پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي جتي سياسي دٻاءُ کان سواءِ ڳالهه ٻولهه ممڪن ٿي سگهي.

آمريڪا ۽ ايران جا لاڳاپا گذريل ڪيترن سالن کان ڇڪتاڻ جو شڪار رهيا آهن، جن ۾ جوهري پروگرام، علائقائي اثر و رسوخ ۽ اقتصادي پابنديون بنيادي رڪاوٽون رهيون آهن. اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن ٽئين ملڪ جي ميزباني هيٺ ڳالهيون هڪ اهم سفارتي اڳڀرائي طور ڏٺيون پيون وڃن.

تجزئي نگارن موجب جيڪڏهن هي ڳالهيون مثبت رخ اختيار ڪن ٿيون ته ان جا اثر صرف وچ اوڀر تائين محدود نه رھندو، پر ڏکڻ ايشيا ۽ عالمي توانائي مارڪيٽ تي به پئجي سگهن ٿا.

ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته اهو عمل انتهائي نازڪ مرحلي ۾ آهي ۽ ڪنهن به وقت رڪاوٽ جو شڪار پڻ ٿي سگهي ٿو.

اسلام آباد ۾ شروع ٿيل اهي اڻسڌيون  ڳالهيون خطي ۾ هڪ نئين سفارتي سرگرمي جي نشاندهي ڪن ٿيون، جتي پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي امن ڳالهين لاءِ اهم مرڪز طور سامهون اچي رهيو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں