اسلام آباد ڳالهيون: وزيراعظم ۽ آمريڪي نائب صدر جي اهم ملاقات، پائيدار امن لاءِ اميدون وڌي ويون

فہرستِ مضامین

اسلام آباد :  اسلام آباد ۾ شروع ٿيندڙ اهم سفارتي ڳالهين جي پسمنظر ۾، پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف آمريڪا جي نائب صدر جي ڊي وينس سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ علائقائي امن، استحڪام ۽ جاري ڳالهين تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

وزيراعظم هائوس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب، آمريڪي نائب صدر سان گڏ خاص سفارتي نمائندو اسٽيو وٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر پڻ موجود هئا. جڏهن ته پاڪستاني وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ گهرو وزير محسن نقوي شامل هئا.

ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف ٻنهي ڌرين جي تعميري ڳالهين لاءِ سنجيدگي ۽ عزم کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته اسلام آباد ۾ ٿيندڙ هي ڳالهيون خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ لاءِ اهم قدم ثابت ٿينديون.

هن ان موقعي تي اهو به ورجايو ته پاڪستان علائقي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار جاري رکندو ۽ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سهولتڪاري جاري رکڻ لاءِ تيار آهي.

ذريعن موجب، هي ملاقات اهڙي وقت ٿي آهي جڏهن اسلام آباد عالمي سفارتي مرڪز بڻيل آهي، جتي ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ اهم مسئلن تي ڳالهيون جاري آهن ۽ پاڪستان ٻنهي ڌرين وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

سياسي تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي اها سفارتي سرگرمي نه رڳو خطي ۾ امن لاءِ اهم آهي، پر عالمي سطح تي به ملڪ جي حيثيت کي مضبوط بڻائي رهي آهي….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں