اسلام آباد، راولپنڊي ۽ پشاور سميت ٻين شھرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
زلزلہ پيما مرڪز موجب سوات، ھنگو، شمالي وزيرستان ۽ چترال ۾ بہ زلزلي جا لوڏا رڪارڊ ڪيا ويا.
ان کان علاوھ اسلام آباد، راولپنڊي ۽ پشاور ۾ بہ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
زلزلہ پيما مرڪز وڌيڪ ٻڌايو تہ زلزلي جي شدت 5 ڏھائي 5 ۽ ان جي ھيٺ زمين ۾ گھرائي 199 ڪلو ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي جڏھن زلزلي جو مرڪز ڪوھ ھندوڪش ريجن ھو.
زلزلي سبب ڪنھن بہ قسم جي جاني ۽ مالي نقصان جو ڪو بہ اطلاع سامھون نہ آيو آھي.