اسلام آباد، راولپنڊي، چڪوال ۽ ايبٽ آباد سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ گجگوڙ سان تيز برسات ٿي آھي.
ھوڏانھن مالاڪنڊ، سوات، نوشھرھ، شمالي وزيرستان سميت ڪي پي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ بہ برسات ٿي.
صوابي ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب مختلف حادثن ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا جڏھن تہ ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي معطل آھي، وادي نيلم ۽ مظفر آباد ۾ بہ برسات پئي.
موسميات کاتي جو چوڻ آھي تہ اڄ ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ جڏھن تھ سنڌ ۽ ڏکڻ بلوچستان ۾ شديد گرم رھڻ جو امڪان آھي.
ان کان علاوھ پنجاب، خيبر پختونخواھ، گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ خطہ پوٽاھار ۾ ڪجھ ھنڌن تي طوفان ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آھي.