اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ 34 سالن بعد رابطو ,اهم اڳڀرائي جو امڪان

فہرستِ مضامین

واشنگٽن / تل ابيب / بيروت:آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته اسرائيل ۽ لبنان جي اڳواڻن وچ ۾ لڳ ڀڳ 34 سالن کان پوءِ اهم رابطو قائم ٿيڻ وارو آهي، جيڪو اڄ خميس ڏينهن متوقع آهي. هن اها ڳالهه پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽفارم Truth Social تي جاري ڪيل پيغام ۾ ڪئي.

ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ چيو ته آمريڪا خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ سرگرم ڪوششون ڪري رهيو آهي، خاص طور تي اسرائيل ۽ لبنان جي وچ ۾ لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ لاءِ سفارتي چينلن کي ٻيهر فعال ڪيو پيو وڃي. هن اميد ظاهر ڪئي ته اهو رابطو مستقبل ۾ امن جي طرف هڪ اهم قدم ثابت ٿي سگهي ٿو.

ٻئي طرف آمريڪي حڪومت جو لهجو ايران بابت وڌيڪ سخت ٿيندو نظر اچي رهيو آهي. آمريڪي خزاني جي سيڪريٽري اسڪاٽ بيسينٽ خبردار ڪيو آهي ته آمريڪا ايران تي معاشي پابندين کي وڌيڪ سخت ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي.

سڪاٽ بيسنٽ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ايران  پنهنجي علائقائي پاليسين ۽ ايٽمي پروگرام بابت عالمي خدشن کي سنجيدگي سان نه وٺندو ته آمريڪا سخت اقتصادي قدم کڻڻ کان نه ڪيٻائيندو.

ماهرن موجب، اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ رابطو بحال ٿيڻ سان وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ گهٽجڻ جا امڪان پيدا ٿي سگهن ٿا، پر ايران خلاف وڌندڙ آمريڪي دٻاءُ خطي کي ٻيهر غير يقيني صورتحال ڏانهن به ڌڪي سگهي ٿو.

هي اڳڀرائي هڪ طرف سفارتي لاڳاپن جي بحالي طرف اشارو ڪري ٿي، جڏهن ته ٻي طرف ايران خلاف سخت پاليسي خطي ۾ نئين سياسي ۽ معاشي ڇڪتاڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں