غزھ: اتر غزھ ۾ اسرائيلي ڊرون حملي ۾ 5 فلسطيني شھيد ٿي ويا جن ۾ 3 ٻارڙا بھ شامل آھن.
نيوز ايجنسي موجب اتر غزھ جي پٽي واري علائقي بيت لاھيا پروجيڪٽ ۾ ھڪ مسجد ويجھو اسرائيلي ڊرون حملي ۾ پنج ڄڻا مارجي ويا، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي تھ ان حملي جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻھو شديد زخمي بھ ٿيا آھن.
عملدارن موجب زخمين کي ويجھي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي جڏھن واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ ھراس ڦھليل آھي.
واضح رھي تھ گذريل ڏينھن بھ اسرائيل جي فوج طرفان فلسطين جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائين جي نتيجي ۾ غزھ ۽ مغربي ڪناري ۾ وڌيڪ 11 فلسطيني شھيد ٿي ويا ھئا.
عرب ميڊيا پنھنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ھو تھ ھڪ تازو ڄاول ٻار بھ زخمن جا سور نھ سھندي زندگي جي جنگ ھارائي ويو ھو، خان يونس ۾ 3 فلسطيني مارجي ويا ھئا جڏھن تھ سينٽرل غزھ ۾ اسرائيلي ڊرون حملي ۾ ھڪ ٻيو شھري شھيد ٿيو ھو.
اتر غزھ ۾ سمنڊ جي طرف کان بھ شيلنگ ڪئي وئي ھئي جنھن ۾ بي گھر خاندانن جي خيمن کي نشانو بڻايو ويو، جباليھ ڪئمپ ۾ ھڪ ٻار زخمن سبب 10 ڏينھن کان پوءِ فوت ٿي ويو ھو جڏھن شجاعيھ ۾ خيمن تي ڌماڪيدار مادو ڪيرائڻ سان باھھ لڳي وئي ھئي.
غزھ جي صحت واري وزارت ٻڌايو ھو تھ جنگبندي جي باوجود 784 فلسطيني شھيد ۽ 2 ھزار 214 ڄڻا زخمي ٿي چڪا آھن جڏھن تھ 7 آڪٽوبر 2023 کان جاري جنگ ۾ ھينئر تائين 72 ھزار 560 فلسطيني شھيد جڏھن تھ ھڪ لک 72 ھزار 560 ڄڻا زخمي ٿي چڪا آھن.