اسرائيلي وزيراعظم فوج کي غزه جي 70 سيڪڙو علائقي تي قبضو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

فہرستِ مضامین

تل ابيب: اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو غزه جي 70 سيڪڙو زمين تي قبضو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو۔

اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو والاريل اولهه ڪناري ۾ هڪ غير قانوني اسرائيلي آباديءَ ۾ نيوز ڪانفرنس دوران چيو ته هن اسرائيلي فوج کي غزه جي وڌيڪ علائقن تي قبضو ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون آهن۔

نيتن ياھو چيو ته “پهريان اسان غزه جي 50 سيڪڙو زمين تي قبضو ڪيو، پوءِ 60 سيڪڙو تي، هاڻي منهنجو حڪم آهي ته غزه جي 70 سيڪڙو حصي تي قبضو ڪيو وڃي۔”

واضح رهي ته غزه جي آبادي اڳ ئي سامونڊي پٽي جي انتهائي ننڍڙي حصي تائين محدود ڪئي وئي آهي۔

اسرائيل آڪٽوبر 2023ع ۾ شروع ٿيل پنهنجي جنگ دوران تباهه ٿيل هن سامونڊي پٽي جي لڳ ڀڳ 64 سيڪڙو حصي تي اثرائتو ڪنٽرول رکي ٿو۔

آڪٽوبر ۾ آمريڪا جي ثالثيءَ سان ٿيل جنگبندي تحت، جيڪا نه اسرائيلي حملا روڪي سگهي ۽ نه ئي حماس کي غير هٿياربند ڪري سگهي، اسرائيلي فوج کي هڪ نام نهاد “يلو لائين” تائين پوئتي هٽڻو هو، جيڪا اسرائيلي ڪنٽرول جي حد مقرر ڪندي هئي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں