اقوام متحدھ جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس نائب وزيراعظم ۽ پرڏيھي معاملن واري وزير اسحاق ڊار کي ٽيليفون ڪري اسلام آباد ۾ ٿيندڙ آمريڪا ايران ڳالھين تي پاڪستان جي ڪردار جي ساراھ ڪئي.
اقوام متحدھ جي سيڪريٽري جنرل اسحاق ڊار سان ٽيليفون ذريعي رابطو ڪيو ۽ خطي ۾ امن کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي ساراھ ڪئي.
ھن آمريڪا ۽ ايران جنگبندي لاءِ اسلام آباد ۾ ڳالھين تي پاڪستان جي ڪردارجي ساراھ ڪئي ۽ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جي مڪمل حمايت جو اظھار ڪيو.
سيڪريٽري جنرل اقوام متحدھ اھو بہ چيو تہ وچ اوڀر جي بحران جو ڪو بہ فوجي حل ناھي، سنجيدھ ڳالھين کي ٻيھر شروع ٿيڻ گھرجي، بين الاقوامي بحري اچ وڃ جي حقن ۽ آزادين جو احترام ٿيڻ گھرجي.
پرڏيھي معاملن واري وزير اسحاق ڊار بہ وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ سفارتڪاري جاري رکڻ جي عزم جو اظھار ڪيو.