اسان سان ويٺل عورت اسلام آباد ۾ آپگھاتي حملي جي مشن تي ھئي: وزيراعليٰ بلوچستان

فہرستِ مضامین

وزيراعليٰ بلوچستان مير سرفراز بگٽي جو چوڻ آھي تہ اسان سان ويٺل عورت آپگھاتي حملي جي مشن تي ھئي.

ڪوئٽہ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مير سرفراز بگٽي چيو تہ دھشتگرد عورتن کي ٽريپ ڪندا آھن،  عورت کي اسلام ۾حملي جو ھدف ڏنو ويو ھو.

ھن چيو تہ انٽيليجنس ايجنسيز اسلام آباد ۾ آپگھاتي حملي جو منصوبو ناڪام بڻايو، انٽيليجنس ايجنسين پاڪستان کي تمام وڏي تباھي کان بچايو، انھن جا ٿورا مڃيان ٿو.

وزيراعليٰ بلوچستان جو چوڻ ھو تہ اسان ٻارڙين کي تعليم ڏيڻ چاھيون، دھشتگرد انھن کي آپگھاتي جيڪٽس پارائي رھيا آھن، اسان ٻارڙي کي عزت سان سندس والد جي حوالي ڪري رھيا آھيون.

سرفراز بگٽي چيو تہ بين الاقوامي آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ دھشتگرد پنھنجي ٻارڙين جو استعمال ڪندا آھن، ٻارڙي کي ڌمڪي ڏني وئي تہ آپگھاتي حملو نہ ڪيو تہ والد کي ماري ڇڏينداسين.

وزيراعليٰ بلوچستان جو چوڻ آھي تہ دھشتگردن جو بلوچ روايتن سان ڪو بہ تعلق ناھي، بلوچ عورتون ڪڏھن ان جنگ جو حصو ناھن، اھا ڪھڙي روايت آھي تہ پنھنجي مفادن ۾ بلوچ ٻارڙين جو استعمال ڪندا آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں