آمريڪي ناڪابندي سان ڪيوبا ۾ پئٽرول ختم، ڪيترائي علائقا اونداھي ۾ ٻڏي ويا

فہرستِ مضامین

ھوانا: آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران تي حملن ۽ آمريڪي ناڪابندي سان ڪيوبا کي ھن وقت بدترين توانائي بحران کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي، ٻارڻ جي شديد کوٽ سبب ملڪ جا ڪيترائي علائقا اونداھي ۾ ٻڏي ويا.

حڪومت پيٽرول جي شديد کوٽ جو اعتراف ڪندي عوام کي صبر کان ڪم وٺڻ جي درخواست ڪئي آھي، تيل بحران سبب بجلي پيداوار ۾ بيحد گھٽتائي واقع ٿي آھي.

ڪيوبا جي توانائي واري وزير ھڪ پريس ڪانفرنس ۾ اعتراف ڪيو تہ ملڪ وٽ بلڪل بہ ٻارڻ، تيل يا ڊيزل موجود ناھي، حڪومت ھن وقت صرف مقامي گيس ۽ اندرون ملڪ پيدا ٿيندڙ تيل تي ڀاڙي رھي آھي جڏھن تہ اھا مقدار قومي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ناڪافي آھي.

وزير توانائي وڌيڪ چيو تہ آمريڪي پابندين ۽ بيروني دٻاءَ سبب ڪيوبا کي بيرون ملڪ مان ٻارڻ حاصل ڪرڻ ۾ شديد مشڪلات کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي جنھن جي نتيجي ۾ بجلي جو نظام شديد ٻاءُ ۾ اچي چڪو آھي.

ملڪ جي اڀرندي علائقن ۾ وڏي پئماني تي بجلي معطل ٿيڻ سان لکين ماڻھو متاثر ٿيا جڏھن تہ ڪيترن ئي علائقن ۾ روزانو 19 ڪلاڪن تائين بجلي بند رھڻ جا اطلاع آھن. ڪيترن ئي صوبن ۾ مڪمل بليڪ آئوٽ جاري رھيو.

ڪيوبا جي صدر بحران جي ذميواري آمريڪا تي لاڳو ڪندي چيو تہ آمريڪي پابندين ۽ ٻارڻ فراھم ڪندڙ ملڪن کي ڌمڪين واري صورتحال کي وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيو آھي.

ھن آمريڪي قدمن کي توانائي جو محاصرو قرار ڏيندي چيو تہ شام جي وقت ۾ بجلي جي طلب ۽ پيداوار جي وچ ۾ 2 ھزار ميگاواٽ کان کان وڌيڪ جو فرق پيدا ٿي رھيو آھي. مجموعي طور تي 1100 ميگاواٽ بجلي پيداوار متاثر ٿي.

ٻئي طرف ھوانا ۽ ان جي آسپاس جي علائقن ۾ عوام مسلسل لوڊ شيڊنگ جي خلاف احتجاج ڪيو، مظاھرين ٿانوَ وڄائي ۽ روڊن تي نڪري حڪومت کان بجلي بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ شديد نعريبازي ڪئي.

ياد رھي تہ ڪيوبا جي بجلي جو نظام پراڻي ٿرمل پاور پلانٽس تي ڀاڙي ٿو جن مان ڪيترائي 40 سالن کان وڌيڪ پراڻا آھن ۽ بار بار خراب ٿي ويندا آھن، ملڪ پھريان ئي خوراڪ، دوائن ۽ ضرورت جي بنيادي شين جي قلت جو شڪار آھي جڏھن تہ مھانگائي ۽ معاشي بحران عوامي مشڪلاتن ۾ اضافو ڪري رھيو آھي.

جنوري ۾ آمريڪا ڪيوبا جي لاءِ ٻارڻ جي ترسيل تي وڌيڪ سخت پابنديون لاڳيو ڪيون جنھن کان پوءِ صرف ھڪ روسي آئل ٽينڪر ئي جزيري تائين پھچي سگھيو.

آمريڪي پرڏيھي وزير ڪيوبا جي لاءِ 100 ملين ڊآلر امداد جي پيشڪش بہ ڪئي ھئي جڏھن تہ شرط رکي ھئي تہ امداد جي تقسيم ڪيوبن حڪومت بجاءِ ڪيٿولڪ چرچ ذريعي ڪئي وڃي.

ڪيوبا جي پرڏيھي وزير ان پيڪش تي محتاط رد عمل ڏيندي چيو تہ حڪومت امدادي تجويز جا تفصيل ٻڌڻ لاءِ تيار آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں